ڀان سيدآباد: سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا سخت زخمي

0
381

ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر جي باءِ پاس وٽ رنگ هوٽل تي رودناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺين، شيخن ۽ ڪهاڙين جو آزدانه استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خالد حسين، علي جان، مراد علي، گلاب، اختيار، ميوو رودناڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جهيڙي دوران موقعي تي پوليس موبائيل بيٺل هوندي به جهيڙو نه ٽاريو.