صبا قمر هن وقت تائين شادي ڇو ناهي ڪئي..؟

0
506
بابا زبان ڪري ڇڏي هئي، شادي کان انڪار نه ڪري سگهيس: صبا
بابا زبان ڪري ڇڏي هئي، شادي کان انڪار نه ڪري سگهيس: صبا

ڪراچي (شوبز نيوز) معروف اداڪاره صبا قمر هن وقت تائين شادي نه ڪرڻ جو سبب مداحن کي ٻڌائي ڇڏيو، انسٽا گرام تي اسٽوري شيئر ڪندي صبا قمر لکيو ته ڪجهه ماڻهو مون کان پڇن ٿا ته توهان اڃا تائين سنگل ڇو آهيو،؟ صبا هن سوال جو جواب ڏيندي چيو ته چار ڏينهن ڌيان ڏيڻ جي چڪر ۾ روز روز جي ٽينشن مون کي نه کپي، اداڪاره جي اسٽوري جي اسڪرين شاٽ سوشل ميڊي پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مداح هن جواب کي اداڪارهه جي هن وقت تائين شادي نه ڪرڻ جو ڪارڻ قرار ڏئي رهيا آهن، واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ اداڪاره صبا قمر تصديق ڪئي هئي ته هو عظيم خان نالي بلاگر سان شآدي ڪرڻ واري آهي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اداڪاره ذاتي سببن جي ڪري شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.