ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر تعليمي بورڊ پاران نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس جي اوڳاڙي خلاف خيرپور ضلعي ۾ استاد ۽ شاگرد رستن تي نڪري آيا، خيرپور، گمبٽ، کهڙا ۽ ڪنب ۾ مظاهرا ڪري، ريليون ڪڍي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ خيرپور ۾ ناز هاءِ اسڪول، سينٽ ٿريساز اسڪول، ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول سميت مختلف تعليمي ادارن جي سوين شاگردن پاران علي مدد، فهد ڦلپوٽو، شڪيل، شاھنواز ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ا احتجاجي ريلي ڪڍي ڪڍي وئي. هوڏانهن گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کھڙا جي استادن ۽ شاگردن طرفان پروفيسر منظور علي گلال، پروفيسر جليل احمد سھتو، گسٽا اڳواڻ استاد امير علي گلال، چيز علي خاصخلي، عبدالجبار ڪلھوڙو، گمبٽ ۾ مراد هاءِ اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول وڏا لاکا ۾ سوين شاگردن ۽ استادن پاران استاد عبدالقيوم ڄامڙو، استاد اعجاز علي شاهه، استاد اسدالله پنهور، استاد چيز علي خاصخيلي، مريد حسين لاکو ۽ رفيق احمد لاکو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. جڏهن ته گسٽا تعلقي ڪوٽڏيجي پاران گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب تي ڪارا جھنڊا چاڙھي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران گسٽا تعلقي صدر استاد علي نواز پلهه، هميرحسين تمراڻي، استاد مريد حسين جسڪاڻي، مداح حسين چانڊيو، طارق عزيز ڳاھو، محمد حسن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر بورڊ پاران نائين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس جي مد ۾ 1200 ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن کان 2700 رپيا امتحاني فيس ورتي پئي وڃي، جيڪا غريب شاگرد نٿا ڀري سگھن. امتحاني فيس اوڳاڙيءَ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته هزارين شاگرد امتحان ۾ ويهي نه سگهندا ۽ سندن تعليمي مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. مظاهرين جو ان سلسلي ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ڪنهن به تعليمي بورڊ پاران شاگردن کان امتحاني فيس وصول نٿي ڪئي سکر بورڊ پاران شاگردن کان فيس وصولي غيرقانوني ۽ حڪومتي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ شديد برساتن سبب وڏي تباهي ٿي آهي، رهواسي معاشي طور ڪنگال ٿي چڪا آهن. شاگردن جا والدين فيس ڀري نٿا سگهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سکر بورڊ طرفان امتحاني فيس اوڳاڙِي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.