سکر(بيورو رپورٽ)سکر جي واريتڙ واسڻ نوشين مڙس ۽ پٽ جي گرفتاري خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته مڙس ۽ پٽ کي ناحق گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جنهن بعد عدالت پاران مقرر مئجسٽريٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو ھنيو، عدالتي ڇاپي دوران گرفتار ٿيلن تي ڪيس داخل نه ھجڻ سبب ٻنھي شھرين کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.