ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي واپڊا عملدارن کي هٿڪڙيون لڳي ويون، ڪجهه ڏينهن پهريان درخواستگذار عاشق گولو واڌو ڊڊيڪشن بل جي آزار سبب واپڊا عملي خلاف ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد عدالت واپڊا عملي کي درخواستگذار جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان باوجود عدالتي حڪم جي تعميل نه ٿيڻ تي ڪنزيومر ڪورٽ جي جج امر لعل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واپڊا ايڪسيئن نثار احمد گاڏهي، ايس ڊي او خالد باجڪاڻي سميت 3 واپڊا عملدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين هٿڪڙيون لڳائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد واپڊا عملي کي 2 ڪلاڪن تائين هٿڪڙيون لڳائي ڪورٽ جي احاطي ۾ ويهاريو ويو ۽ بعد ۾ واپڊا عملدارن 30،30 هزار روپين عيوض پنهنجي شخصي ضمانت ڪرائي ورتي ۽ 3 ئي عملدار عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿي ويا، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي 26 اپريل تي درخواستگذار جو مسئلو حل نه ٿيو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.