حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار سجاد گل کي بري ڪيو. قاسم آباد پوليس ڏيڍ مهينو اڳ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس غير قانوني اسلحي رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار گرفتاري بعد عدالت مان ضمانت ڪرائي هئي. گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي.