جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظھور احمد ھڪڙو جي عدالت نوجوان مھيش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ونيب ڪمار جي وڪيل ظفر خليل جکراڻي ۽ مقتول جي وڪيل مظفر رند جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار ونيب ڪمار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جوابدار ونيب ڪمار جي ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس جوابدار کي جيل بدران اسپتال ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار ونيب ڪمار 24 فيبروري جي رات نوجوان مھيش ڪمار کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش ساڙي ڇڏيو هو، جوابدار کي 13 مارچ تي پوليس گرفتار ڪيو ھو، جوابدار پوليس جي جاچ ٽيم آڏو مھيش کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، پوليس جوابدار ونيب ڪمار کي 20 ڏينهن اڳ علاج بھاني جيل مان سول اسپتال جي وارڊ منتقل ڪيو ھو، اڄ به ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس جوابدار کي جيل بدران اسپتال ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي.