ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  پرڳڻي ۾ سرڪاري اسڪولن جي زبون حالي واري ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ڪاليجز ۽ اسڪول ايجوڪيشن جي سيڪريٽرين کان بايو ميٽرڪ سسٽم بابت 13 ڊسمبر  تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چيو آهي ته سمورا سيشن جج گرلز اسڪولن ۽ ڪاليجن  جي وزٽ لاءِ فيميل مئجسٽريٽن کي مقرر ڪن، عدالت آءِ جي سنڌ  ۽ پرڳڻي جي سمورن ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين جي ٽائيم دوران پوليس گشت کي يقيني بڻائين ته جيئن تعليمي ادارن مان گهر واپس ويندڙ شاگردياڻين کي ڪير هراسان  ڪري نه سگهي، جيڪڏهن ڪو به اهڙي ڪڌي عمل ۾ ملوث آهي ته گشتي پوليس انهي خلاف ڪارروائي ڪري،