ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڪا به هيوي گاڏي شهر ۾ داخل نه ٿيندي، خلاف ورزي ڪندڙ گاڏيءَ تي ڏنڊ وجهڻ سان گڏ ان کي بند ڪيو ويندو، ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر  ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ادارو اوهان جي  ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي ته عدالت کي ٻڌايو وڃي، عدالت وڌيڪ چيو ته نيري ۽ ڦڪي رنگ واري بتين ۽ هوٽر لڳل گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پو ءِ ڀلي اهي ايم اين اي يا ايم پي اي جي گاڏي ڇو نه هجي، ڪالهه  ڊي آءِ جي ٽريفڪ عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻو ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪٿي آهن؟  ڊي آءِ جي جي تبديلي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس کاتو عدالتي حڪمن کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان وٺندو آهي؟ عدالت ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي پڇيو ته توهان کي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ جا هيوي ٽريفڪ بابت آرڊر ڇا آهن؟ جنهن تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته هيوي ٽريفڪ رات 11 کان صبح 6 وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿي سگهي ٿي، هيوي ٽريفڪ سپر هاءِ وي کان نيو ڪراچي، نيشنل هاءِ وي کان منزل پمپ ۽ ڪي پي ٽي کان ناردرن باءِ پاس وڃي سگهي ٿي، جنهن تي جسٽس نديم اختر چيو ته اسان کي رڳو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻو آهي، حادثن سبب ماڻهو حياتيون وڃائي رهيا آهن، مقرر وقت کانپوءِ ڪنهن به وڏي گاڏي کي  شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، عدالت چيو ته  ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون آهي،  جيڪي هتي ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن مهذب سماج ۾ نٿو ٿئي، عدالت هدايت ڪئي ته عوام جي آگاهي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا وڃن، جنهن تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ عدالت کي يقين ڏياريو ته ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيا ويندا.