حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته نون صوبن لاءِ جيڪا پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي اها مڪمل بدديانتي ۽ سنڌ دشمني تي مبني آهي، جنهن کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي، جيڪڏهن ڪنهن جي دماغ ۾ اها هوا آهي ته هو سنڌ جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگهندو ته اها سندس ڀل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي مادر وطن جي حفاظت ڪندا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جي ترقي سالميت ۽ سياسي بحرانن جو حل 1940ع جي قراداد جي روح تحت ملڪ جي تشڪيل نو سان آهي. جنهن ۾ ملڪ ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن.