سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس طرفان عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور مان اغوا ٿي ويل 4 نوجوانن کي شڪارپور مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي سکر جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ٻه مھينا اڳ ٽڪر محلي سکر جو رھواسي عبدالله ڪنبوھ کي عورتاڻي آواز تي شاديءَ جو آسرو ڏئي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيو ويو. جڏھن ته صالح پٽ واسي ٽن پورهيتن گلزار شاھ، غلام مرتضيٰ ۽ نديم شيخ کي 39 ڏينهن اڳ شادي جي ڪاڄ ۾ مانيون پچائڻ لاءِ شڪارپور گھرائي اغوا ڪيو ويو ھو. پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري چئني مغوين کي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي محمد باغ مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. نوجوانن جي بازياب ٿيڻ تي وارثن ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي. بازياب ٿيل پورهيتن جي وارثن مجاھد شاھ، غلام مصطفيٰ شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي سکر اسان جي ٽنھي نوجوانن کي بازياب ڪرايو آھي، واضح رهي ته مجاھد شاھ جي فرياد تي 19 ڏينھن بعد ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ نامعلوم 5 ڌاڙيلن خلاف 3 نوجوانن کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس به  داخل ڪيو ويو ھو. اغوا ٿيلن جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران بازيابي لاء 4 ڀيرا فون ڪري  26 لک ڀنگ به گھريو ويو ھو. علائقي ۾ چوٻول آھن ته نوجوانن کي ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو آھي.