باغي ميمبر جو ووٽ ڪاسٽ نٿو ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ جو فيصلو

0
247
جڊيشل ڪميشن ۾ سنڌ

سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 63 اَي جِي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي اڪثريتي راءِ اچي وئي، ڦري ويل ميمبر سڄي عمر جِي نااهلي کان بچي ويا، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڦري ويل ميمبر جو ووٽ ڪاسٽ نٿو ٿي سگهي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لاجر بينچ  آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي  ، ٽي-ٻه جَي اڪثريتي راءِ سان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جو 8 صفحن تي مشتمل مختصر تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڦري ويل ميمبر جو ووٽ ڪاسٽ نٿو ٿي سگهي، ڪو ميمبر ڦري وڃي ته ڊي سيٽ ٿيڻ بعد سندس سيٽ خالي سمجهي ويندي، ڦري وڃڻ تي نااهلي بابت قانونسازي جو هِي ئي درست وقت آهي، سياسي جماعتن ۾ استحڪام لازمي آهي، ڦري وڃڻ ڪينسر آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته، آرٽِيڪل 63  اي قانونسازي ۾ سياسي جماعتن کي تحفظ ڏئي ٿو، سياسي جماعتون جمهوريت جو بنيادي جزو آهن، سياسي جماعتن ۾ غير مستحڪمي جمهوريت جي بنياد ڪمزور ڪري ٿو

چيف جسٽس فيصلي ۾ چيو ته جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اختلافي نوٽ لکيا، اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته اڪثريتي فيصلي سان مفتق ناهيون. عدالت ريفرنس ۾ پڇيل چئن سوالن مان سڄي عمر نااهلي وارو سوال واپس موڪلي ڇڏيو

ياد رهي ته اڳوڻي پي ٽِي آءِ جي حڪومت 21 مارچ 2022 تي ڦري ويل ميبرن جي معاملي تي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو هو