آءِ بي اي ٽيسٽ 40 مارڪس تي پاس ڪندڙ اُميدوارن لاءِ خوشخبري

0
202
آءِ بي اي ٽيسٽ

ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) پي ايس ٽي ۽ جَي اِي ايس ٽي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ 40 مارڪس تي پاس ڪندڙ اُميدوارن لاءِ سٺي خبر سامھون آئي آھي

سنڌ سرڪار 40 مارڪس کڻندڙ اُميدوارن کي به آفرڊر ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

ذريعن موجب تعليم جي وزير سردار شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون جايون خالي آهن

 آءِ بي اي طرفان اُميدوارن کان سخت ٽيسٽ ورتي وئي هئي، تعليم کاتي ۾ وڌيڪ استاد ڀرتي ڪري سگهجن ٿا

وڏي وزير طرفان 40 مارڪس کڻندڙ استادن کي به آفر آرڊرز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي