تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي يوسي گلوالي جي پيپلزپارٽي جي اتحادي، چيف مقدم نادر چولياڻي جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ جي يو آءِ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو، ان ڏس ۾  چيف مقدم نادر چولياڻي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ڪيترن ئي سالن کان پيپلزپارٽي سان اتحاد رهيو، هاڻ هن جو ساٿ جميعت علماء اسلام سان هوندو، جڏهن ته  جي يو آءِ تعلقي امير قاري ڪفايت الله کوسو،مولوي عبدالباسط بجاراڻي چيو ته اسان عوام وٽ وينداسين  ۽ کين ٻڌائينداسين تہ سندن حقن تي ڌاڙا ڪير پيو هڻي، جيڪي مسلسل اقتدار تي قابض آهن انهن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. هنن چيو ته  من پسند آر او ۽ ڊي آر مقرر ڪيا پيا  وڃن،  جن خلاف ضلعي سطح تي ڊي آر او آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين.