سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ ۾ آئيني ۽ قانوني جنگ

0
299
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: چيف جسٽس چيو آهي ته حڪومت کي عدليه جي قانونسازي بابت سپريم ڪورٽ سان مشاورت ڪرڻ گهرجي، اخبارن موجب پارليامينٽ پنهنجي ڪارروائي عدالت کي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر اسان پارليامينٽ جي ڪارروائي هنن جي ويب سائيٽ تان کڻي ورتي آهي، هي معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻينداسين

چيف جسٽس عمر عطا بنديال عدالتي سڌارن واري ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن

اٽارني جنرل چيو ته اسان جا 2 قانون آهن، هڪ سپريم ڪورٽ رويو آف آرڊر اينڊ ججمينٽ ۽ ٻيو  سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آهي

اٽارني جنرل چيو ته ٻنهي قانونن ۾ نظرثاني ۽ وڪيل ڪرڻ بابت شقن جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي آهي، ٻنهي قانونن مان ڪنهن تي ڀاڙڻو آهي، ان لاءِ ڪنهن حل تي پهچڻ ضروري آهي

چيف جسٽس چيو ته ٻنهي قانونن ۾ هم آهنگي لاءِ پارليامينٽ کي ڏسڻ لاءِ چئي سگهون ٿا، خوشي آهي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت هڪ جهڙن قانونن ۾ ترميمون ڪري رهي آهي، حڪومت کي سپريم ڪورٽ سان مشاورت ڪرڻ گهرجي

اٽارني جنرل چيو ته عدالت هن معاملي کي پارليامينٽ ڏانهن اماڻي سگهي ٿي

چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ڏانهن هي معاملو نه اماڻينداسين، پارليامينٽ ۽ حڪومت ڪا تجويز ڏين ته غور ڪنداسين، توهان حڪومت کان هدايتون وٺي اچو

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ  عدالتي سڌارن واري ايڪٽ  خلاف درخواستن جي ٻڌڻي هلائي رهي آهي