اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارتي ريفرنس خلاف فيصلي تي نظرثاني واري درخواست سڌو سنئون نشر ڪرڻ بابت آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي، 10 رڪني فل ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي ۾ 6 ججن عدالت جي ڪارروائي سڌو سنئون نشر ڪرڻ جي مخالفت ۽ 4 ججن حمايت ڪئي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ بينچ نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال عدالتي ڪارروائي سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته درخواستگذار جي اها درخواست 6 / 4 جي تناسب سان رد ڪئي وڃي ٿي، ان درخواست جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، 10 رڪني بينچ جي جج جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته درخواستگذار جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي ڇاڪاڻ جو هن بطور جج حلف کنيو آهي، جن جي درخواست جيڪڏهن منظور ٿيندي ته ان جي حلف جي خلاف ورزي ٿيندي، جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي، هن معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي عدالت جي ڪارروائي سڌو سنئون نشر يا ان کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ معاملو فل ڪورٽ ميٽنگ آڏو اٿاريو وڃي، اهو معاملو رجسٽرار فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ پيش ڪري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست جي حمايت ڪندڙ ججن ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس منظور احمد ملڪ، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن، جڏهن ته درخواست رد ڪندڙ 6 ججن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس قاضي امين ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن، براهه راست نشريات جي حمايت ڪندڙ ججز جي راءِ آهي ته عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي نشر ڪئي وڃي، آڊيو رڪارڊنگ بنا ايڊيٽنگ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ گهرجي، فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ 10 رڪني فل ڪورٽ بينچ واپس روانو ٿي رهي هئي ته درخواستگذار جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بينچ کي مخاطب ٿيندي چيو ته 27 ڏينهن کان پوءِ محفوظ ڪيل فيصلو مختصر ٻڌايو ويو آهي، ان جا تفصيلي سبب ڪڏهن جاري ٿيندا، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته فيصلو ڪيترا ڏينهن محفوظ رهيو، انهن ڏينهن جي ڳڻپ نه ڪريو، فيصلو ٻڌائڻ ججن جي صوابديد آهي، مختصر فيصلي جي ڪاپي جلد اوهان کي ملي ويندي، جلد تفصيلي فيصلو جاري ڪنداسين، اوهان نظرثاني درخواستن تي دليل ڏيڻ چاهيو ٿا ته اسان تيار آهيون، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان ذهني طور تي دليل ڏيڻ لاءِ تيار ناهيان، وقت ڏنو وڃي، پر جيڪڏهن عدالت حڪم ڏيندي ته دليل ڏئي سگهان ٿو، عدالتي روسٽرم تي اچي سرينا عيسيٰ کوسو عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته حڪومتي وزيرن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي، ان تي ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، وفاقي وزير فواد چوڌري عدالت کي اسڪينڊلائيز ڪيو آهي، هن عدالت جي توهين ڪرڻ تي يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي سزائون ڏنيون ويون آهن پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته فواد چوڌري خلاف منهنجي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته اوهان جي توهين عدالت واري درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڄ اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.