ائين نٿو ٿي سگهي، هٿرادو رپورٽس ڏسي ڪيس سائيڊ تي رکي ڇڏيون: عدالت

0
290

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، اهو مسئلو رڳو شهرين جي گمشدگي جو نه آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته اسان هٿرادو رپورٽس ڏسي ڪيس کي سائيڊ تي رکي ڇڏيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهرين جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دورانجسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته ايڏا ڪيس هلي رهيا آهن، گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن، ان موقعي تي وفاقي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو صوبائي حڪومتن جو آهي، عدالت سوال ڪيو ته ڪهڙي صوبي جي حڪومت جواب نه ڏنو آهي، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته خيبرپختون خواهه جي طرفان جواب نه مليو آهي، حراستي مرڪز سول انتظاميا جي ڪنٽرول ۾ نه آهن، عدالت چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پاور فل کاتو گهرو وزارت آهي، هي معاملو قانون کان وڌيڪ انساني حقن جو آهي، عدالت 2017ع کان گم ٿيل شهري ظفر اقبال جي بازيابي بابت وفاقي سرڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.