اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ+نمائندن وٽان+م ڊ) مذهبي تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي پاران پنهنجي سربراهه جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن ٻه ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري رهيو، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، گجرانوالا، ڪراچي ۽ خضدار ۾ چڪرين ۽ تشدد ۾ پوليس اهلڪار سميت وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 100 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ احتجاج 16 کان 22 هنڌن تائين پکڙجي ويو آهي. سعد رضوي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بند رستا کولرائڻ جو حڪم ڏنو آهي پر پوءِ به احتجاج جاري رهيو. پنجاب حڪومت هنگامي صورتحال ۾ فوج کي به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. احتجاج سبب ڪيترائي اهم روڊ بند آهن جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رش ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ ايمبولينسون به ڦاسي ويون آهن. ڪيترن هنڌن تي مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون به ٿيون جنهن سب ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ ٽي ايل پي جا ڪارڪن به زخمي ٿيا. پوليس 100 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي آهي. مڇريل ماڻهن پوليس جي گاڏين کي باهه لڳائي ڇڏي آهي ۽ عام شهرين جي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهچايو ويو آهي. فيروزوالا ۾ مظاهرين طرفان رينجرز ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو جنهن سبب هڪ پوليس ڪانسٽيبل مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ محمد افضل جي نالي سان ٿي آهي. جڏهن ته لاهور ۾ ڪجهه ڪلاڪن بعد ٻيو پوليس اهلڪار به مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، شهر ۾ هنگامن ۾ 67 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن جن ۾ اهلڪار به شامل آهن. لاهور ۾ پهرين احتجاج 16 هنڌن تي هو گهرو وزارت جي اجلاس بعد اهو 22 هنڌن تي پکڙجي ويو، جن ۾ رائيونڊ، ڪرول گهاٽي، بتي چوڪ، شاهدره، خيابان چوڪ، ايل ڊي اي چوڪ، ڪوٽ عبدالمالڪ، چونگي امر سنڌو ۽ ٻيا شامل آهن. اسلام آباد ۾ به احتجاج جاري آهي، جڏهن ته بلوچستان جي شهر خضدار ۾ پوليس فائرنگ ڪري هڪ شاگرد کي ماري ڇڏيو جنهن بعد ڪالهه سڄو ڏينهن احتجاج جاري رهيو. گجرانوالا، پشاور، حب چوڪي، رحيم يار خان، چڪوال، شيخوپوره ۾ به احتجاج جاري آهي ۽ رينجرز طلب ڪئي وئي آهي، لاهور پنڊي هاءِ ويز 10 هنڌن تي بند آهي، لاهور ساهيوال روڊ به 5 جاين تان بند آهي، ٽي ايل پي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرڪزي اڳواڻ سعد رضوي جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جي گهر پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته لاهور پوليس شاهدره ٽائون ٿاڻي تي سعد حسين رضوي، قاضي محمود احمد قادري، پير سيد ظهير الحسن، مهر محمد قاسم، محمد اعجاز رسول، پير سيد عنايت علي شاهه، مولانا غلام عباس فيضي، مولانا غلام غوث بغدادي ۽ سندس پارٽي جي ٻين اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پنجاب پوليس به گرفتارين جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ جي احتجاج جي حوالي سان شرپسندن ۽ امن ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، گهرو وزارت ۾ تحريڪ لبيڪ جي ملڪ گير احتجاج جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اختيارين ۽ آءِ جي پنجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ خراب نه ڪئي وڃي قانون هٿ ۾ کڻندڙ ۽ شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزارت اسلام آباد جي حساس علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ترامزي، فيض آباد، ٽي چوڪ، روايت، ايڪسپريس وي، اٺال چوڪ، باره ڪهو ۾ انٽرنيٽ سروس 24 ڪلاڪن جي لاءِ معطل رهندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جتي حالتون خراب هونديون، اتي 24 ڪلاڪن لاءِ موبائل انٽرنيٽ سروس بند هوندي. ٻئي طرف لاهور ۾ به قانون واري وزير راجه بشارت جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور جي 16 اهم هنڌن تي پوليس سان گڏوگڏ رينجرز به مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي پاڪ فوج جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيون. رستا کولرايا ويندا گهڻو برداشت ڪيو هاڻ رستا بند ٿيڻ نه ڏينداسين.

ڪراچي(نمائندن وٽان ) ڪراچي ۾ ڌرڻا، هنگاما، چڪريون، هوائي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، اهلڪارن سميت 25 زخمي، درجنين مظاهرين گرفتار، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، شهر ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان ٻئي ڏينهن به 18 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا، شاهراهه فيصل، اسٽار گيٽ، اورنگي ٽائون، حب روڊ، بلديه ٽائون، ڪورنگي اڍائي نمبر، حسن اسڪوائر، يونيورسٽي روڊ، مين ٽاور ۽ ٻين علائقن ۾ ڌرڻا لڳڻ سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ايمبولينسز به ڦاسي پيون، جڏهن ته مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ وقفي وقفي سان جھڙپون پڻ ٿينديون رهيون، مظاهرين پوليس مٿان پٿراءَ ڪندا رهيا، جنهن سبب ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ته پوليس به شيلنگ ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو. اهلڪارن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حب رور روڊ، ڪورنگي، اسٽار گيٽ، اورنگي ٽائون ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري رهي، رات دير تائين هوائي فائرنگ جو سلسلو هلندو رهيو. هوائي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. جن مان هڪ ڄڻو اورنگي ٽائون ۾ مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ سليم طور ٿي، جيڪو مظاهري ۾ شامل هو، ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ 22ورهين جو عمران مارجي ويو، چڪرين دوران شاهراهه فيصل تي اسٽارگيٽ وٽ مظاهرين 5 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان دوران رينجرز پهچي مظاهرين کان روڊ ڪليئر ڪرايو. پوليس ۽ رينجرز طرفان رات دير تائين اڪثر روڊ ڪليئر ڪرايا ويا جڏهن ته بلديه ۽ ڪورنگي ۾ ڌرڻا جاري هئا. پوليس درجنين مظاهرين کي گرفتار ڪري سندن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا آهن. ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ ڌرڻن سبب روڊ بلاڪ آهن جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي آهي جڏهن ته شهرين کي ٻين روڊن کان پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف قاضي احمد ۾ تحريڪ لبيڪ اڳواڻ جي گرفتاري بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کان پوءِ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي مختلف هنڌن تي ڪاروائي ڪري تحريڪ لبيڪ سان تعلق هجڻ سبب 5 ڄڻن مولوي عرفان سڪندري، مولوي عاشق رضوي، فقير مبين ڏاهري، حافظ پنهل سومرو ۽ عبدالرشيد ملاح کي گرفتار ڪري نواب شاھ منتقل ڪرڻ بعد ايم پي او تحت کين ھڪ مھيني لاءِ نظر بند ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. رتيديري ۾ تنظيمات اھلسنت پاران علامه سعد رضوي جي گرفتاري خلاف مظفر علي شاه، مولانا اسلم لانگاه، مولانا محمد حسن جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوشهروفيروز ۾ تحريڪ لبيڪ پاران مرڪزي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف نوشهروفيروز جي الله واري چوڪ تي ھنيل ڌرڻي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل تحريڪ لبيڪ جي 22 ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو. پوليس گرفتار 22 ڪارڪنن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت گرفتار ڪارڪنن کي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جيل موڪلڻ کان اڳ ڪارڪنن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪرايون ويون. پني عاقل ۾ تحريڪ لبيڪ جي ريلي کي پوليس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، پنو عاقل پوليس تحريڪ لبيڪ جي 10 ڪارڪن کي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي تي لاڪپ حوالي ڪيو ويو نوابشاهه ۾ تحريڪ لبيڪ ڪارڪنن جي گرفتاريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽالهي تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ علامه سعد حسين رضوي جي گرفتاري خلاف تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڪاروباري مرڪز بند ڪري ٽائر ساڙي شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عادلپور ۾ حافظ محمد سچل انڍڙ، استاد سراج الدين ڪلوڙ، فقير غلام محمد سومرو، زاهد حسين، قاضي محمد علي ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي راڻيپور ۾ مولانا شفيع احمد سڪندري، فھيم سرڪي، حافظ فاروق گھانگھرو، قرب علي گھانگھرو جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳاڙھو ۾ ڌرڻو هنيو ويو. سيوھڻ ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن اڙل ھيڊ پل انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مڇريل ماڻهن ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو ۽ پوليس تي لٺبازي پڻ ڪئي، جنهن بعد پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.