اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا سبب سي پيڪ منصوبن تي ڪم متاثر ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هاڻي سي پيڪ منصوبا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، صنعتي ۽ زرعي شعبي جي ترقي سان دولت ۾ اضافو ڪري ملڪ مٿان قرضن جو بار گهٽ ڪنداسين، ڪالهه اسلام آباد ۾ مٽياري کان لاهور تائين 886 ڪلو ميٽر ڊگهي 600 ڪي وي بجلي جي نئين ٽرانسميشن لائن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2018ع کان هن وقت تائين ان منصوبي تي تيزي سان ڪم مڪمل ڪيو ويو، اسان کي معلوم آهي ته اهو منصوبو 2013ع ۾ شروع ڪيو ويو پر ان تي ڪم نه ٿيو پر گذريل 3 سالن دوران ان منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿيو، هي ٽرانسيميشن لائين سڀ کان جديد ٽرانسيميشن لائين آهي، لائين لاسز صرف 4 سيڪڙو هوندي، هن وقت ملڪ اندر باقي ٽرانسميشن لائينن جا لائين لاسز 17 سيڪڙو تائين آهن، وزيراعظم چيو ته فيسڪو ۾ لائين لاسز وڌيڪ آهن، جنهن ڪري بجلي هوندي به اتي بجلي فراهم نه ٿا ڪري سگهون، ماڻهو لوڊشيڊنگ جي شڪايت ڪن ٿا، اتي بجلي هوندي به ان ڪري نه ٿا ڏئي سگهون جو ٽرانسميشن لائين پراڻي آهي، هن چيو ته سي پيڪ ۾ شامل منصوبن ۾ ڪورونا وبا دوران مسئلا آيا پر هاڻي ماشاءَ الله سي پيڪ منصوبن تي ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، سي پيڪ جي منصوبن ۾ پهريان روڊ، بجلي پيداوار جا منصوبا هئا، هاڻي ٽرانسميشن لائين جو منصوبو مڪمل ٿيو آهي، اڳتي صنعتي شعبي جي منصوبن کي اوليت ڏني ويندي، صنعتي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ته ملڪ مٿان قرض واپس ڪري سگهنداسين، صنعتن سان گڏ زرعي شعبي ۾ نئين ٽيڪنالاجي آڻي دولت ۾ اضافو ڪري قرضن جو بار گهٽ ڪنداسين، هن چيو ته ڪورونا سبب دنيا ۾ عام واهپي جي شين جون قيمتون وڌي ويون، اها صورتحال عارضي طور آهي، ڪورونا ويڪسين لڳندي پئي وڃي، هن وقت تائين 4 ڪورونا جون لهرون اچي ويون آهن، اميد آهي ته ان بعد ڪا لهر آئي ته ان جو اثر گهٽ هوندو، سي پيڪ جا منصوبا تيزي سان اڳتي وڌندا ۽ مهانگائي به هيٺ اچي ويندي.