اسلام آباد: توانائي جي وزير حماد اظهر چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ هڪ مشڪل فيصلو آهي پر ان جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مصنوعات جون وڌندڙ قيمتون آهن، پاڪستان ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ عالمي مارڪيٽ جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، حڪومت پيٽرول مصنوعات تي لاڳو ٽيڪس شرح ۾ مسلسل گهٽتائي ڪري رهي آهي، ڪالهه ٿيل پيٽرول مصنوعات ۾ ٿيل واڌ کان پوءِ به اڪثر ملڪن کان پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون گهٽ آهن.