سيڪريٽري تعليم ٽائيم نيوز جي رپورٽر تي تشدد جو نوٽيس ورتو، انڪوائري جو حڪم

0
227

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري حيدرآباد ۾ ٽائيم نيوز جي رپورٽر امتياز کوسو تي امتحاني سينٽر ٻاهران تشدد جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سيڪريٽري تعليم ڊائريڪٽر حيدرآباد کي معاملي جي انڪوائري ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو آهي ته ٽائيم نيوز جي رپورٽر تي ٿيل تشدد جي انڪوائري ڪرائي پئي وڃي، ذميوارن خلاف ايڪشن ٿيندو

واضح رهي ته حيدرآباد جي حالي روڊ تي قائم سيڪنڊري اسڪول ٻاهران استادن پاران اڄ ٽائيم نيوز جي رپورٽر امتياز کوسو تي تشدد ڪيو ويو هو