ڇا چيف ايگزيڪيوٽو هڪ انسپيڪٽر به بدلي نٿو ڪري سگهي؟: ميان جاويد لطيف

0
172
ڇا چيف ايگزيڪيوٽو هڪ

وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته اهو ڪهڙو طريقو آهي جو چيف ايگزيڪيوٽو هڪ انسپيڪٽر به بدلي نٿو ڪري سگهي، 4 هفتن جي حڪومت تي شڪ ڪيو پيو وڃي، سموريون بدليون مقرريون رد ڪيون ويون آهن

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته چيو پيو وڃي ته نئين وزيراعظم لاءِ  انٽرويوز ٿي رهيا آهن، معاملا ائين هلائڻا آهن ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائي سمورا معاملا رکيا وڃن

هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ 5 آءِ جيز تبديل ٿيا، واٽس ايپ تي ججز بدلي ٿيندا رهيا، تڏهن ته پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو ويو، عمران خان ادارن تي تنقيد پيو ڪري، اُن تي نوٽيس ڇو نٿو ورتو وڃي

ھي به پڙھندا

نيب چيئرمين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي