ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث اهلڪار گرفتار

0
226
ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم

ڪراچي: سرجاني واري علائقي مان مزدور کي  مبينا طور اغوا ڪندڙ اهلڪار جنيد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مبينا اغوا ۾ ملوث اهلڪار سر سيد ٿاڻي تي مقرر ٿيل هو

شهري ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي پٽ کي مفت ۾ مزدوري لاءِ چيو انڪار تي پوليس اهلڪار کيس اغوا ڪري ويا

شهري موجب پوليس اهلڪارن پٽ جي بازيابي لاءِ 5 لک روپيا ڀنگ گهريو. پوليس موجب الزام هيٺ آيل هڪ اهلڪار کي گرفتار ڪري ٻين جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي