شڪارپور/ڪرمپور/ٺل/لکي غلام شاهه (نمائندن وٽان) پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ٽن ڄڻن ۽ 20 ڏينهن اڳ لکي غلام شاهه مان اغوا ٿيل ٺل واسي سيپڪو جي اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي کي بازياب ڪرائي ورتو، پوليس پاران ٽن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، بازياب ٿيل سيپڪو جي اڳوڻي ملازم جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن 2 سئو ڪروڙ ڀنگ گهريو، روزانو تشدد ڪندا هئا. خبر موجب ايس ايس پي ڪشمور جي اسپيشل ٽيم ۽ ڪرمپور پوليس احسان ٻيلي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪري ٽن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. بازياب ٿيلن ۾ تنگواڻي واسي سونهارو بهلڪاڻي، فيصل آباد واسي مزمل ۽ مظفر ڳڙهه واسي محمد اقبال هوت بلوچ شامل آهن. پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي اسپيشل ٽيم سان گڏجي احسان ٻيلي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مغوين جي پهري تي بيٺل ڏوهاري پوليس کي ڏسندي ئي فرار ٿي ويا، جتان ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس موجب ٽنهي ڄڻن کي ڏوهارين عورتاڻي آواز تي هرکائي گهوٽڪي واري ڪچي مان اغوا ڪيو هو. هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سيپڪو جي اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي کي پوليس هڪ ڪارروائي ذريعي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ايس ايس پي شڪارپور موجب مجيد سرڪي کي مھر برادري جي ھٿياربندن لکي غلام شاهه ويجھو اغوا ڪيو ھو، پوليس اغوا ڪندڙن اعجاز احمد مھر، انور ڪلادي ۽ ثناءُ الله جت کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو آھي، هن ٻڌايو ته ڏوھارين مغوي عبدالمجيد سرڪي کي لکي ۽ وزيرآباد ۾ لڪايو ھو، ھن ٻڌايو ته مھر برادري جا ڏوھاري عبدالمجيد سرڪي جي اغوا ۾ ملوث آھن، ان موقعي تي بازياب ٿيل عبدالمجيد سرڪي سان سندس پٽ ۽ ٻيا وارث ڀاڪر پائي ملندا رهيا، جنهن دوران هو اکين مان لڙڪ لاڙيندا رهيا، عبدالمجيد سرڪي ٻڌايو ته هٿياربندن کيس اغوا ڪرڻ کان پوءِ هڪ جڳهه ۾ رکيو ۽ مٿس تشدد ڪيو، هن ٻڌايو ته مون کي چيو ويو ته 2 سئو ڪروڙ ملندا ته پوءِ توکي ڇڏينداسين، جنهن تي مون کين چيو نواز شريف يا ڪنهن ٻي وڏي ماڻهو کي اغوا ڪيو اٿئو ڇا جو ايترا پئسا گهري رهيا آھيو، هن ٻڌايو ته اغوا ڪار وقت تي کاڌو به نه ڏيندا هئا، جيڪو بچندو هو اهو ٻئي وقت تي کارائيندا هئا، هن چيو مون کي ڌمڪائيندا هئا ته توکي ماري ڇڏينداسين، ڪڏهن چوندا هئا ته توکي ڪنهن ٻئي گروپ وٽ وڪرو ڪنداسين، جنهن ڪري هر وقت ساهه مٺ ۾ هوندو هو، هن پنهنجي بازيابي بابت ٻڌايو ته ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته فائرنگ جو آواز آيو، جڏهن اکيون کوليم ته پوليس بيٺي هئي، جيڪي ايس ايس پي شڪار پور جي آفيس وٺي آيا