ڪراچي (م ڊ) وبائي مرض ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ هن وقت تائين هڪ ارب 40 لک ويڪسين جون خوراڪون لڳائجي چڪيون آهن. سڀ کان وڌيڪ ويڪسين چين ۾ لڳائي وئي، جن جو تعداد 36 ڪروڙ 69 لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ هن وقت تائين 26 ڪروڙ 66 لک ڪورونا خوراڪون لڳائجي چڪيون آهن. ڀارت ۾ لڳجندڙ ويڪسين جو تعداد 17 ڪروڙ 83 لک، بنگلاديش ۾ 93 لک 20 هزار کان وڌيڪ ۽ پاڪستان ۾ 38 لک 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳي چڪيون آهن.