سيوھڻ(ن پ ا)  جڳ مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي نالي سان منسوب ۽ زائرين ۽ شھرين جو تفريحي ماڳ بڻيل لعل باغ مان ڪالھ وڻن جي واڍي ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب قلندر لعل شهباز جي باغ ۾ وڻن جي واڍي وڏي پئماني تي ٿيڻ لڳي آهي ۽ اھي قيمتي ۽ ناياب وڻ وڪرو ڪرڻ ۾ اوقاف کاتي جي اهم ملازمن ملوث هجڻ جا پڻ چوٻول ھلي رھيا آھن. جڏھن ته لعل باغ ۾ قيمتي ناياب ۽ قلندر لعل شهباز جي عبادت گاہ جا وڻ پڻ موجود آھن جن جي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اوقاف کاتي جي ملازم قاسم چنا معاملي کان اڻڄائي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اسان کي خبر سوشل ميڊيا ذريعي پئي آهي ۽ ان جي جاچ ڪريون پيا ته ڪنھن جي چوڻ تي وڻن جي واڍي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان واڍي بند ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ھي طوفان ۾ ڪريل پراڻا وڻ آھن جن کي لال باغ اندر ڇاپرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ٻئي طرف شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن اڪبر ملاح، ماما اصغر ڪوريجو، احسان رند ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ھي لال شھباز قلندر جي نالي منسوب لال جو باغ سڏيو ويندو آهي ۽ ھتي زائرين ۽ شھرين لاء واحد باغ آھي جتي پارڪ سان گڏ وڻن جي ساوڪ ھئڻ ڪري ماڻھون ھن ماڳ تي پھچي سڪون حاصل ڪندا آهن ۽ ان کي اجاڙڻ لاء اوقاف کاتي جا ملازم مختلف وقتن تي واڍي ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ اوقاف کاتي  جي وزير ۽ اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث اوقاف کاتي جي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري لال باغ کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.