نوشھروفيروز (رپورٽر) ضلعي نوشهروفيروز جي پنج يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي نتيجن کي اليڪشن  ڪميشن روڪي ڇڏيو، جن يوسيز جا نتيجا روڪيا ويا آهن انهن م سعيدپور، چانهين، ٻيلاواهه، ڏيپارجا ۽ جلباڻي شامل آهن، ان کان سواءِ ٻن ضلعي ميمبرن يوسي ٻيلاواه ۽ يوسي جلباڻي جا به نتيجا روڪيا ويا، جڏهن ته يوسي نور پور جي چيئرمين جي اميدوار جي فوت ٿيڻ سبب اليڪشن نه ٿي سگهي هئي، هوڏانهن ٺاروشاهه ٽائون ڪاميٽي جي ٽن وارڊن جا به نتيجا روڪيا ويا، جتان آزاد اميدوار شروعاتي طور ڪامياب قرار ڏنا ويا هئا، ٽائون ڪاميٽي ڀرياروڊ جي وارڊ ٻه مان رياض گجر جي ڪاميابي جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.