بڊاڻي (ن پ ا) ڳوٺ گودي بنگلو ۾ ڇڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،  لٺيون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو علي گوهر پٽ عارب زخمي ٿي پيو،  زخمي پاڻمرادو پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته مراد علي ۽ تاجو ڇڄڻ منهنجي گهرواري کي زوري وٺي وڃي رهيا منع ڪرڻ تي حملو ڪري زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته زخمي پوليس ليٽر وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو.