ٺٽو (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي صدر ارسلان بروھي چيو آھي ته انتقامي ڪاررواين کان ڊڄڻ وارا ناھيون، عوام جي بنا فرق جي خدمت جاري رھندي. گورنر سنڌ پارٽيءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آھي. جلد تنظيم سازي واري عمل کي تيز ڪري ضلعي ۾ تنظيم سازي کي مڪمل ڪيو ويندو. ارسلان پيلس ڇتو چنڊ تي صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي جي بحران ڏينهون ڏينهن شديد ٿيندو پيو وڃي. ٻئي طرف رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌڻ ڪري روزانو ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي رھيا آھن، جن کي سرڪاري اسپتالن ۾ وقت سر ويڪسين به نٿي ملي. ان کان علاوه واھن ۽ شاخن جي سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري پاڻي پوڇڙ تائين پھچي نٿو سگھي. ھن مطالبو ڪيو ته شھرن مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪري واھن، شاخن ۽ سم نالن جي کاٽي ۽ شھرن مان صفائي جا انتظام بهتر ڪري عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.