سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل واسي پيرسن اقبال ڪورائي سکر ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاھران احتجاج ڪندي دانھيو ته بااثر ماڻھن کيس گھر مان زبردستي ڪڍي گھر تي قبضو ڪري ورتو آھي، جنھن متعلق ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا پوليس وٽ دانھيو آھي پر کيس انصاف ناھي ملي سگھيو، الٽو بااثر شخص ۽ مقامي پوليس کيس هراسان ڪري رھي آھي. ھن ايڊيشنل آءِ جي سکر ۽ سکر جي عدالت کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي کيس گھر واپس ڏياريو وڃي ۽ گھر تي قابض بااثر خلاف ڪاروائي ڪري کيس انصاف ڏياريو وڃي.