شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپور چاڪر ۾ سائيڊ نه ڏيڻ تان پوليس اهلڪارن جو رڪشا ڊرائيور عاشق جهلڻ کي ڪٽڪو، سرعام بازار مان گهليندا پوليس اسٽيشن تي وٺي ويا. تشدد جونشانو بڻيل همراهه ٻڌايو ته مان ريٽائر فوجي آهيان رڪشو هلائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو پر اڄ سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار پرائيويٽ ٽيڪسي ۾ وڃي رهيا هئا ۽ مان پنهنجي سائيڊ تي بيٺو هيس پر انهن بنا سبب جي مون تي تشدد ڪيو ۽ بازار مان گهليندا پوليس اسٽيشن تي وٺي ويا. شهرين ڏٺو ته مون سان بيواجبي ٿي آهي انهن جي مداخلت بعد پوليس پريشر ۾ اچي مونکي آزاد ڪيو. تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان عاشق جهلڻ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ٻئي پاسي تشدد ڪرائيندڙ سب انسپيڪٽر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رستي مان آياسين پئي ته هي وچ رستي ۾ چنگچي بيهاريون بيٺو هو، هٽائڻ لاءِ چيو ته منهن ماري پيو ڪري ۽ گارگند ڪئي ان تان کيس پوليس اسٽيشن تي گهرايو پر کيس اسان فوري طور تي ڇڏي ڏنو تشدد وغيره نه ڪيو آهي.