گمبٽ (ن پ ا) سوڀوديرو ڀرسان ملاح برادري جي رهواسين تنيا ڌر ۽ ٽيپاڻي بهليم پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پيادل مارچ ۽ مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. تفصيل موجب سوڀوديرو ڀرسان واري ڳوٺ جي رهواسين ملاح برادري جي عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي 20 ڪلوميٽر مارچ ڪري تنيا برادريءَ جي بااثر ماڻهن ۽ ٽيپاڻي بهليم پوليس جي زيادتين خلاف گمبٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن الله بخش ملاح، قائم ملاح، فيضل ملاح، مسمات شاهده، ليلا خاتون ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سوڀوديرو جي واري ڳوٺ ۾ گذريل 200 سالن کان رهندڙ آهيون. هن وقت ڳوٺ جا با اثر علي نواز تنيو ۽ ٻيا زمين ۽ گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جن رات جو گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون، جنهن جي دانهن کڻي ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس 6 جوابدارن بدران 3 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايچ او کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.