ميرپورماٿيلو/ خانپور مهر (نمائندا) ڏھرڪي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبنيا غفلت سبب فوت ٿي ويل معصوم نينگر مصعب لاڙڪ جي وارثن سان انصاف لاءِ گذريل ڏينهن ميرپور ماٿيلي ۽ خانپور مهر ۾ ريليون ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل مظاهرين جو چوڻ هو ته روڊ حادثي جو معصوم زخمي مصعب لاڙڪ ڏھرڪي سول اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽر طرفان بروقت علاج نه ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ عملي مٿان نينگر جو قتل ڪيس داخل ڪري کين فوري گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سياسي سماجي تنظيمن جي احتجاج کان پوءِ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين معاملي جو نوٽيس ڊي ايڇ او گھوٽڪي منظور جکراڻي 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي 2 ڏينھن اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي. ڪاميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار چنو، جڏهن ته ميمبر طور ڊاڪٽر الطاف احمد، فياض راجپوت ۽ منظور احمد شامل آھن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوڙيل ڪاميٽي معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪندي.