ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 200 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 200 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 51 هزار 800 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي هڪ لک 52 هزار رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 1570 رپيا برقرار رهي. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 4 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 672 ڊالر ٿي وئي.