نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڇوٽڪو ۽ ڄام لغاري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ناصر حسين پٺاڻ، عبدالجبار کوسو، حاجي علي شير بروھي، محمد علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آبادگارن چيو ته  ايريگيشن عملو منڍ جي بااثرن   کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي رھيو آھي، جنھن جي ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن جي زمين ۾ پوکيل فصل تباھه ٿي رھيو آھي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پاڻي ڏنو وڃي.