سليڪان ويلي (انٽريسٽنگ نيوز) تصويرن ۽ وڊيو شيئرنگ جي ايپليڪيشن انسٽاگرام ”لائيڪ ڪائونٽ“ لڪائيندڙ فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي. ٽيڪنالوجي جي ويب سائيٽ ”ٽيڪ ڪرنچ“مطابق نئين فيچر ۾ استعمال ڪندڙ ان جي به چونڊ ڪري سگهندا ته آيا ڪنهن ٻئي صارف جي پوسٽ تي موجود لائيڪ ڪائونٽ کي ڏسڻ چاهن ٿا يا نه. انسٽاگرام موجب ان فيچر جو مقصد استعمال ڪندڙن جي ڳڻتي ۽ شرمندگي کي گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته گهڻو ڪري استعمال ڪندڙ پنهنجي پوسٽ تي لائيڪ جو انگ ڏسي ذهني پريشاني جو شڪار ٿين ٿا ۽ اهڙي قسم جا مسئلا گهڻو ڪري نوجوانن ۾ ٿين ٿا.