سوال/سروي … عمران اڪيلو ٿي ويندو، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي يا وري متحده وانگر نئين روپ ۾ ايندي: عوام

0
117

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته 9 مئي واقعن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي يا نئين روپ ۾ ايندي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان اڪيلو ٿي ويندو، سڀ ڇڏي ويندس، ايم ڪيو ايم جهڙو حشر پي ٽي آءِ جو ٿيندو نئين روپ ۾ پارٽي ايندي يا جيڪي ماڻهو ڇڏي وڃي رهيا آهن اهي جتان آيا هئا انهن ئي پارٽين ۾ واپس ويندا سروي ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان مضبوط ٿي رهيو آهي ووٽر ان سان گڏ آهن ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان ئي ڪامياب ٿي ايندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عظمت الله ٻرڙو لکيو ته پي ٽي آءِ هڪ دهشتگرد جماعت بڻجي چڪي جنهن جو چيئرمين عمران خان وڏي ۾ وڏو دهشتگرد آهي جنهن پاڪ فوج جي جوانن ۽ فوجي هيڊڪواٽر ڪور ڪمانڊر جي گهر ۽ سرڪاري نجي عمارتن گاڏين کي نقصان پهچايا هي پارٽي پاڪستان جي لاءِ ناسور بڻجي چڪي آهي ان ناسور کي پابندي ذريعي ختم ڪيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ جا جيڪي به اڳواڻ پارٽي ڇڏي رهيا آهن انهن جو فيصلو درست آهي هو ملڪ دشمن پارٽي سان گڏ نٿا رهڻ چاهن، گل حسن لکيو ته پي ٽي آئي عمران خان جي گرفتاري تي جيڪو رد عمل ڏنو اھو ملڪ دشمن عمل ھيو ڪھڙو عمران خان کي ڦاسي لڳڻي ھئي ھڪ ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ان جاءِ تي اگر محتاط رد عمل اچي ھا ته حالتون ايتريون خراب نه ھجن ھا باقي رھيو سوال پارٽي ڇڏڻ جو ته ھي سياسي نيتا اڀرندڙ سج جا پوجاري آھن جيڪي ڪنھن نظرئي سان نه پر ڪرسي سان گڏ ھوندا آھن يا کڻي ائين چئجي ته ھي ڍنڍ جا پکي آھن جيڪي ڪڏھن ھن پاسي ڪڏھن ھن پاسي ھوندا آھن عمران خان گذريل ٻاويھه ٽيويھه سالن کان روڊ ماپيندو خاڪ ڇاڻيندو رھيو سندس نظريو نه پيو کپي پوءِ اوچتو ئي اوچتو سندس ستارو بلند ٿيڻ لڳو ڌڙاڌڙ ٻيون پارٽيون ڇڏي نيتا لوگ لنگي کي ور ڏئي سندس چوکٽ تي جمع ٿي ويا ھاڻي وري کين بوريا بستر لپيٽڻ جو گرين سگنل ملي ويو ھوندو ھاڻي ھي نيتا جنھن به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن سمجھو سندن داڻو پاڻي جو بندوبست اتي ٿي چڪو آھي ھاڻي اھائي پارٽي پالش ٿي يا ڪري پوليٽيڪل انجنيئرنگ وسيلي برسر اقتدار ايندي، غلام رحيم بليدي لکيو ته پي ٽي آءِ جو حشر به ايم ڪيو ايم وارو ٿيندو راجا ريحان لاشاري لکيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.. جنهن پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هوندو آهي.. ان پارٽي ۾ اهڙا ئي ميمبر ڀرتي ڪيا ويندا آهن.. ۽ وقت اچڻ تي انهن کي حڪم ناما جاري ڪيا ويندا آهن… ملڪ جي ڪهڙي به وڏي پارٽي کڻي ڏسو انهن جا ميمبر اقتدار اچڻ مهل پارٽي بدلائي ٻي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندا آهن.. باقي پي ٽي آئي جي ووٽ بينڪ ته انهن جي وڃڻ جو ڪو خاص اثر نه پوندو.. انهن کي هاڻي به جنهن پارٽي جو حڪم ٿيندو اهي سڀ اوڏانهن لاڙو ڪندا.. ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب ۾ ڪا به پارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي نه ايندي.. جيڪا پنھنجي حڪومت ٺاهي سگهي. ظفر دستي لکيو ته ٻيهر واپس ايندو ڇو ته ڳالهه عوام جي آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته اسان ان قومي سوچ کي سدائين لاءِ تالو هڻڻ سان پيا سمجهون جو جنهن قوم ۾ زير دست کي زبردست چوڻ ۾ فخر محسوس ٿئي اها قوم سدائين لاءِ غلام رهندي اڄ تائين جيڪي قومي شعور لاءِ اميد رکن پيا ته هڪ ڏينهن اهي حساب گهرندا، عبدالعليم کوکر لکيو ته پريشر ڏئي پارٽي ڇڏرائڻ جو بيان پيا ڏيارن ڪوبه دل سان ڪونه پيو ڇڏي ان سان پارٽي عوام ۾ اڃا مقبول ٿيندي باقي ليڊر شپ به نئي ايندي ، فيصل کنڀڙو لکيو ته پي ٽي آئي جي ورڪرن عمران جي گرفتاريءَ کان پوءِ جيڪو ملڪ جو سرڪاري عمارتن جي ۽ فوج جي دفترن کي ساڙيو ،شھيدن جي مجسمي جي بيحرمتي ڪئي آهي ،اھو ڪم ته اسان جو دشمن انڊيا به نه ڪري سگهيو آھي ،انھن پي ٽي آئي جي ورڪرن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهي اڳتي لاءِ سڌري وڃن ،پي ٽي آئي ھڪ فتني باز پارٽي آھي جيڪا عوام کي ملڪ دشمنيءَ جي لاءِ تيار ڪري رھي آھي ، بختاور سنڌو لکيو ته پابندي لڳندي جنيد زرين بلوچ لکيو ته وفا پسند ھيو ھو. وفا پرست نه ھو. رنڃن ۾ ڪئين ھلي ھا. قربان علي ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري تي جيڪو رد عمل ظاھّر ڪيو اھو بلڪل غلط ھو ملڪ دشمن رويو ھو اھڙي ڪڌي عمل جي ڪري پارٽي کي ڌچڪو به لڳي سگھي ٿو، عرفان سيلرو لکيو ته جنهن به پارٽي اسٽبلشمينٽ ۽ رياست سان ٽڪرايو آهي اها پارٽي ٽٽي ويندي آهي جيئن ايم ڪيو ايم سان ٿيو تيئن ئي عمران خان جي پارٽي سان ٿيندو، مختيار مولائي لکيو ته ڪارڪن پريشر ۾ اچي عمران خان جي پارٽيءَ تان الوداع ڪئي پر عمران خان جي پارٽيءَ ھڪ مضبوط پارٽي آهي، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته پي ٽي آءِ کي ھن وقت سڌو ڪيو پيو وڃي ڇو ته ھنن کي جيتري ڍر ڏني وئي انهن ان جو ناجائز فائدو ورتو ھي سبق سڀني لاء آهي جيڪا به پوليٽيڪل پارٽي آهي ان کي سوڙهو ڪيو ويندو، خادم رند لکيو ته ملڪ جي سياستدانن جي وڏي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ جي مهرن طور ڪم ڪري رھي آھي انڪري اھي اھو ئي ڪم ڪندا جنھن جي کين ھدايت ڪئي ويندي! مراد علي لکيو ته 9مئي جي واقعي بعد جيڪي پي ٽي آ۽ جا اڳواڻ پارٽي ڇڏي رھيا آهن اھو به ھڪڙو ڍونگ آهي ڪجهه ڏينهن بعد ساڳيا وري گڏ ھوندا باقي پي ٽي آ۽ تي پابندي ڪونه لڳندي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته نه پي ٽي آئي تي پابندي لڳندي نه ئي وري پي ٽي آئي نئي روپ ۾ ايندي ھي رڳو سياسي شوشو آ اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ لاءِ، سجاد جمالي لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو اڃا مقبوليت وڌندي پي ٽي آءِ جي، راشد انمول لکيو ته ڪچرو صاف ٿئي پيو آخر هن 13 پارٽين جي حڪومت آهي، نجيب الرحمان لکيو ته اُن سلسلي ۾ اڃان تيزي ايندي، عمران خان اڪيلو ٿي ويندو. اسد انڍڙ لکيو ته فلحال ته پي ٽي آءِ جو ووٽر عمران سان گڏ ٿو نظر اچي، محمد پڃل ملاح لکيو ته منهنجي خيال ۾ اهي ساڳيا ئي هوندا اهي ئي ماڻهو وري ٻي پارٽي ۾ ويندا وري گڏ ٿي عوام کي لٽيندا، ارشد علي لکيو ته پي ٽي آئي ڇڏيندڙن اڳواڻ ٻين پارٽين مان ڪنھن جي اشاري تي شامل ٿيا ھئا جيڪي اڄ ساڳئي اشاري تي واپس وڃن پيا، جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آئي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ته اھا پي ٽي آئي جي مئل گھوڙي کي ساھ وجھڻ جي برابر آهي ڇو ته بظاھر پي ٽي آئي جو حشر ايم ڪيو ايم جھڙو ٿيندي نظر اچي پيو،  پرتاب راءِ لکيو ته پارٽي هڪ نئين روپ ۾ ايندي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو اڃا مقبوليت وڌندي پي ٽي آءِ ان سان پارٽي عوام ۾ اڃان مقبول ٿيندي، امتياز جمالي لکيو ته خان صاحب مضبوط پيو ٿي ھر روز، غلام رسول راهمون لکيو ته پي ٽي آئي جي ووٽ بينڪ تي خاص فرق نه پوندو انهن  کي هاڻي به جنهن پارٽي جو حڪم ٿيندو اهي سڀ اوڏانهن لاڙو ڪندا.. ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب ۾ اليڪشن ٿي ته پي ٽي آءِ سڀني کي مات ڏيندي، محمد ارش لکيو ته عمران سان گڏ پورو پاڪستان آهي اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي، صديق رضا حسيني لکيو ته ڪجھ نه ٿيندو عمران خان کي باقي ٻيا عھديدار رڳڙجندا زبردست ان صورت م PTI جي ٻي صورت متان سامھون اچي جھڙي طرح MQM م ٿيو، عمران گل سومرو لکيو ته جيڪا پارٽي ٺاهي سگهجي ٿي ته اها ٽوڙي به سگهجي ٿي ٻيو اهو ته آمريڪا به هاڻي کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي حمايت ڪري پيو ان مان ظاهر آهي ته عمران خان انهن جو ئي اماڻيل آهي، اياز علي مڱريو لکيو ته ڪجهه ماڻهن جي وڃڻ سان پي ٽي آءِ تي ڪو به فرق نه پوندو.