لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارت وڃي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کيڏڻ، سيڪورٽي ۽ ميچن جي هنڌن جي باري ۾ اڃا تائين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ڳالهيون شروع نه ٿي سگهيون آهن. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ احمدآباد ۾ 27 مئي تي خاص اجلاس سڏايو آهي جنهن ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ ورڪنگ گروپ جي جوڙجڪ سميت ميچز جو شيڊول به فائنل ڪرڻ جو امڪان آهي. پي سي بي به اڃا تائين ورلڊ ڪپ جي معاملن ۾ خاموش آهي سيڪورٽي معاملن تي اڃا ڳالهيون شروع نه ڪيون ويون آهن. پي سي بي جو ڌيان ايشيا ڪپ کي يقيني بڻائڻ تي آهي جنهن تي ڀارتي بورڊ جي جواب جو انتظار آهي ڀارت جي جواب بعد ئي پي سي بي پاران لائحه عمل جوڙيو ويندو. بورڊ اڃا سيڪورٽي وفد اماڻڻ جي حوالي سان به ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي