لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پي پوليس مين لبرٽي چوڪ تي قانون ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ روڪي ورتو. بابر گاڏي ۾ لبرٽي چوڪ تان گذري رهيو هو ته ايڪسائز پوليس کيس روڪيو ڇاڪاڻ ته سندس گاڏي جي نمبر پليٽ جا فونٽ اسٽينڊرڊ سائيز کان ننڍا هئا. بابر پوليس آفيسر سان مڪمل سهڪار ڪيو. اهلڪارن کيس نمبر پليٽ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گاڏي جي ٻين ڪاغذن جي به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي گاڏي روڪڻ جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ گاڏي جي نمبر پليٽ تي ننڍا اکر لکيل آهن. بابر پوليس آفيسرن سيلفي به ڪڍرائي جيڪا به وائرل ٿي وئي.