اشو آف دي ڊي … کدڙا فقير جنس تبديل نه ڪرائي سگهندا نه ئي پاڻ کي مرد يا عورت سڏرائيندا : عدالتي فيصلي بعد بحث

0
139

 شرعي ڪورٽ پاران ٽرانس جينڊر ايڪٽ بابت فيصلو ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ٽرانس جينڊرز ايڪٽوسٽ پاران فيصلي جي مخالفت ڪئي وئي، اپيل جو اعلان به ڪيو ويو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته کدڙا فقير جنس تبديل نه ڪري سگهندا نه ئي پاڻ کي مرد يا عورت سڏائي سگهندا.  ان حوالي سان ٽرانس جينڊر ايڪٽوسٽ شهزادي راءِ سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته شرعي ڪورٽ جو جيڪو فيصلو آهي ان ۾ ٻن شقن تي پوري ٽرانس جينڊر ايڪٽ تي نه صرف ٻن شقن تي اعتراض ڪيو ويو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته اهي غير اسلامي آهن، ته اسان سمجهون ٿا ان تي اسان قانوني ويڙهه ڪنداسين ، هن چيو ته فيصلي جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهو خواجه سرا ڪميونٽي کي نشانو بڻائي رهيا آهن، اهڙي پوسٽ تي خيرجان لکيو ته خواجه سر به اسان جي ملڪ جو حصو آهن، عالم خاصخيلي لکيو ته پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا هاڻي اسان جون عدالتون به خواجه سرائن خلاف ميدان ۾ اچي ويون آهن، عادل جان شيخ لکيو ته ٽرانس جينڊر ڪميونٽي جو ساٿ ڏنو وڃي، لطيف ابراهيم لکيو ته هي وستي انسانن جي وستي ناهي اوهان هليا وڃو اڃا به وقت آهي صداقت علي ڀيو لکيو ته اسان اوهان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، ايڊووڪيٽ ڪامران عمراڻي لکيو ته حوصلا افزائي ڪئي، جاويد احمد لکيو ته اهو توهان جو حق آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪريو، محمد اسد لکيو ته ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪريو اهو فيصلو معطل ٿي ويندو، فيناز به ردعمل ڏنو، سيم رويرا، محمد اشرف کٽي به ردعمل ڏنو، روشن جتوئي لکيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، عمير خاني مروت به راءِ جو اظهار ڪيو، سيد آغا عنايت لکيو ته اوهان جيڪي ٻه شقون ٻڌائي رهيا آهيو جنهن تي اختلاف آهي اوهان کي گهرجي ته سمورن عالمن سان ويهي اتفاق راءِ ڪريو ۽ هر ڳالهه  ۾ الله جي حڪمت آهي اسلام هڪ مڪمل دين آهي جيڪو انسانن جي بهتري ۽ رهڻي سهڻي کي آسان بڻايو ويو آهي، سرور، آصف ڪيريو، لطيف جروار، ڪنگسٽن، چوڌري عادل، انعام الاهي، آشو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو. اسد ممتاز رڏ به فيصلي بابت پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي ثناءَ خان لکيو ته هن ملڪ ۾ ماڻهن کي شريعت جو وڏو فڪر آهي پر اهو شريعت تي زور صرف ٻين لاءِ هوندو آهي، پاڻ هرڪو شريعت سان صرف اوترو هوندو جيترو وٽس وقت هوندو يا جيترو هو شريعت سان هلي سگهي ٿو. کدڙا جيڪي هر معاشري سڀ کان وڌيڪ امن پسند ۽ شريف شهري هوندا آهن انهن تي سڀني جي ڪاوڙ گهڻي هوندي آهي، اسان پنهنجي حقن لاءِ جنگ وڙهنداسين، ساقي شيخ لکيو ته اسان کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ سندن حمايت ڪريون ٿا. آفاق خاصخيلي به  اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي.