سوال/سروي سنڌ ۾ گورنر تبديل ٿيندو، ساڳيو برقرار رهندو: عوام جي راءِ ورهايل

0
286

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ گورنر تبديل ڪيو ويو آهي ڇا سنڌ ۾ به گورنر تبديل ٿيڻ وارو آھي ؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته گورنر تبديل ٿيندو، ان لاءِ ئي ارباب رحيم پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته ارباب رحيم گورنر سنڌ نه ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته گورنر تبديل ٿي وڃي يا نه عام ماڻهو کي ڪو به فائدو ناهي، خادم گهراڻو لکيو ته گورنروفاق جا نمائندا آهن انگن کي ڪافي وقت ٿيو آهي انهن کي تبديل ڪيو وڃي، نيڪ محمد لکيو ته ارباب رحيم گورنر ٿئي هنن مان جان ڇٽي، دانش سولنگي لکيو ته گورنر جي تبديلي جا فلحال ڪي به چانس ناهن، اياز عادل عمراڻي لکيو ته لڳي ائين پيو ته سنڌ جو گورنر به هٽايو ويندو اشارو به مليل آهي اشارو ارباب غلام رحيم ڏانهن آهي پر گورنر تبديل ڪرڻ سان به غريب عوام کي ڪو فائدو ڪونه ملندو، هزار خان لکيو ته مشڪل آ سنڌ جو گورنر چينچ نه ٿيندو ڇو ته ھو اردو ڳالھيندڙ آهي ۽ ڪراچي مان پي ٽي آءِ سٺي نموني کٽيل آهي گورنر تبديل نه ڪندا، جنيد جمالي لکيو ته مونکي خبر ناهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته ٿي سگهي ٿو سنڌ جو گورنر تبديل ٿئي پر ارباب رحيم کي گورنر سنڌ طور سنڌي عوام ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، ممتاز مهر لکيو ته سنڌ ۾ اتحادين خلاف انتقامي ڪارواين توڙي عوامي مسئلن جي شڪايتن تي ڌيان نه ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جو پروگرام رٿيو آھي ارباب رحيم يا لياقت جتوئي مان ڪو هڪ گورنر سنڌ ٿي سگهي ٿو، ثناءُالله چنا لکيو ته گورنر تبديل ڪرڻ سان تبديلي جي ڪا اميد ناهي وفاقي حڪومت جيڪڏهن گورنر تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڪري ان سان سنڌ جي عوام کي فائدو نه ٿيندو، ممتاز سميجو لکيو ته گورنر سنڌ تبديل جا آثار گهٽ آهن، اعجاز بجير لکيو ته تبديلي سان فرق نه پوندو، حمادالله خان لکيو ته اگر بلوچستان ۾ گورنر تبديل ٿي سگهي ٿو ته سنڌ به بلوچستان جيان اسانجو صوبو آھي بلڪل تبديل ڪري سگهجي ٿو پر اسانجا ڪرپٽ حڪمران ايئن نه ڪرڻ ڏيندا، عرض محمد پيرزادو لکيو ته گورنر سنڌ تبديل ڪرڻ سان فائدو سنڌ جي عوام کي ڪونه پوندو باقي ھڪ خاندان کي پوندو، امدادلاشاري لکيو ته اچانڪ ارباب غلام رحيم جو پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ، ۽ گورنر تبديل ٿيڻ جو امڪان، لڳي ائين پيو ته سنڌ جو گورنر هٽايو ويندو انهي هنڌ تي نئون گورنر آندو ويندو سنڌ جو گورنر ارباب غلام رحيم ٿي سگهي ٿو، هادي بخش کوسو لکيو ته لڳي ائين ٿو ارباب رحيم انهي آسري ۾ اسلام آباد ويٺو آهي، روز ملاقاتون ڪري پيو ٿي سگهي ٿو سنڌ جو گورنر به تبديل ٿئي، علي مراد لاشاري لکيو ته سنڌ جو گورنر تبديل نه ٿيندو، فرض ڪيو جيڪڏهن تبديل ڪيو به ويو ته ارباب غلام رحيم کي گورنر سنڌ نه بڻايو ويندو، عبدالهادي لکيو ته هتي گورنر تبديل نه ٿيندو ، محمد امين ڪنڀر لکيو ته گورنر سنڌ جي تبديل ٿيو ته ارباب پاڻ نه ٿيندو، جانب ڪٽوهر لکيو ته سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو اهي صرف افواهه آهن، شمس الدين رند لکيو ته سنڌ جو گورنر تبديل ٿيڻ جا آثار گھٽ پيا نظر اچن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته سنڌ جو گورنر به تبديل ڪيو ويندو ۽ ارباب غلام رحيم جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو سبب اهو آهي، شهاب جمالي به ارباب رحيم جو نالو لکيو، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته پي ٽي آءِ سنڌ سان سچي ناھي جو گورنر تبديل ڪري، ايم يوسف لغاري لکيو ته سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو ان جا ڪافي سبب آهن ھڪ سبب پي ٽي آءِ جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جو آھي گورنر به ايم ڪيو ايم جو آھي گورنر تبديل ڪرڻ سان فائدو ڪو به نه ٿيندو، گلشير سومرو لکيو ته اهڙو ڪو به امڪان ناهي، يعقوب کوسو لکيو ته ارباب رحيم کي لولي پاپ ڏنو اٿن، مظفر بوزدار لکيو ته سنڌ حڪومت جا سڀئي نااهل حڪمران تبديل ٿيڻ گهرجن، نياز ڪلوئي لکيو ته ڪجهه محسوس ايئن ٿئي پيو ڇو ته ارباب غلام رحيم جو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ بنا مقصد جي نه آهي، اعجاز رفيق منڌرو لکيو ته سنڌ ۾ گورنر تبديل ٿيڻ سان عوام کي ڪو به فائدوناهي، موهن لال لکيو ته سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي لاءِ مٿين ليول تي چرپر ناهي، سيف الله جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، غلام رسول راهمون لکيو ته لڳي ائين ٿو ته گورنر کي هٽايو ويندو، جاويد هڪڙو لکيو ته ارباب رحيم ايئن پي ٽي آءِ ۾ نه ويو هوندو.