اشو آف دي ڊي دودو ڀيل جي وارثن تان دهشتگردي جو ڪيس واپس:ڪوڙو ڪيس ۽ تشدد ڪندڙ پوليس خلاف ڪارروائي ٿيندي؟

0
352

سنڌ حڪومت جِي وزارتي ڪاميٽي جي سفارش بعد پورهيت دودو ڀيل جَي وارثن تي دهشتگردي جو ڪيس واپس، دودو ڀيل جي وارثن سميت گرفتار ٿيل 9 پورهيتن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ دودو ڀيل جي خون سان انصاف جو مطالبو پڻ ڪيو ويو، ايس ايس پي کي هٽائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته سنڌ حڪومت جِي وزارتي ڪاميٽي جي سفارش بعد پورهيت دودو ڀيل جَي وارثن تي دهشتگردي جو ڪيس واپس ورتو ويو، جاچ آفيسر ميرپور خاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ عدالت رپورٽ منظور ڪندي دودو ڀيل جَي وارثن سميت گرفتار 9 پورهيتن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ويرجي ڪولهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو واعدو پورو ڪندي اسلام ڪوٽ اي ٽي سي وارو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو. ڪيس جي جاچ آفيسر جي درخواست قبول ڪندي ڪورٽ گرفتار 9 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو. جنهن تي فقير سليم لکيو ته پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري تشدد ڪري جيل تائين مسڪين ماڻھن کي پهچايو، انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ عابد ٿيٻو لکيو ته چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس ۽ عوامي دٻاءُ جو نتيجو آهي، راهول شرما لکيو ته ڪاميٽي جي سفارش کان وڌيڪ چونڊيل نمائندن جي خواري، عوامي دٻاءَ ۽ وزيراعظم جي نوٽيس جي ڪري ڪيس ختم ٿيو آھي نه ته اها ڪاميٽي ته ٿر اچڻ کان اڳ ئي لجپت وارن کي ڏوھاري قرار ڏئي چڪي ھئي، ڪوڙي ايف آءِ آر ڪرڻ تي سنڌ سرڪار ايس ايس پي تي ڪيس داخل ڪرائيندي يا نه؟ پرکومل ڪولهي لکيو ته ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو هو ايس پي کي معطل ڪريو، نرمل لکيو ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ بيگناهن تي تشدد ڪرڻ تي پوليس جوابده ٿي سگهي ٿي يا پڇاڻي کان آجي ٿيندي، ساجن پرمار لکيو ته ڪيس ڪوڙو هو ته پوءِ ماڻهن جي تذليل ڪرڻ جو ٿر پوليس ۽ ٿر جي ايم پي ايز مٿان ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، فقير شيوا ڪڇي لکيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر، ايس ايچ او سميت تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. ڪي پي راٺوڙ لکيو ته هاڻي عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي تنهن وڌيڪ بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، سنتوش ڪمار لکيو ته ٿر جو عوام متحد ٿيو تڏهن سنڌ حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا، تلسي داس لکيو ته لجپت سوراڻي ۽ ٻين ماڻهن مٿان ڪيس ختم، سنڌ حڪومت پنهنجا واعدا پاڙيا آهن، نيلارام ڪولهي، مولچند ڪولهي، ڪليم خاصخيلي، چيتن گوئل، شيوجي پرمار ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪئي. رزاق بجير لکيو ته سنڌ حڪومت لجپت سوراڻي ۽ ٻين تي داخل اي ٽي سي جو ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، جنيد آزاد، ڀلجي ڀيل لکيو ته لجپت سوراڻي آزاد ٿي ويو سڀني کي مبارڪون هجن، ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڪيولاڻي لکيو ته حق ۽ سچ جي هميشه جيت ٿيڻي آهي. وڪيل لجپت سوراڻي ۽ ٻين ٿرواسين مٿان دهشتگردي جو ڪيس ختم ٿي ويو، ڪورٽ لجپت سوراڻي سميت ٻين سڀني گرفتار ٿرين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي ڀرت هميراڻي لکيو ته ڪيس ختم جو ذڪر ته ناهي بيل گرانٽ ٿي آهي، جنهن سيڪشن تحت ڇڏيو ويو آهي اهو سيڪشن بيل گرانٽ تي رلاءِ ڪري ٿو، ڇا هاڻي ڪيس وڌيڪ نه هلندو ڪورٽ ۾؟ ڀڳوان داس ڪيولاڻي لکيو ته هن ڪيس ۾ 150 ڄڻن تي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، جڏهن ته ڪورٽ 9 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مونکي خبر ناهي ته هن ايف آءِ آر ۾ ٽوٽل گهڻا ڄڻا گرفتار آهن، هن آرڊر ۾ ٻين جي باري ۾ ڪجهه لکيل ڪونهي. اگر ڪيس هليو ته به ڪمزور هوندو ۽ ٻيا به آزاد ٿي ويندا.