سوال/سروي سنڌ ۾ اسڪولن جي بندش ۾ هفتو واڌ ڪرڻ وارو فيصلو تعليم دشمني قرار، حڪومت پاڻ تعليم تباهه پئي ڪري، شاگرد احتجاج ڪن: زندگي معمول تي آڻڻ لاءِ ويڪسين ڪرائي وڃي: عوام جي راءِ

0
354

روزاني پنهنجي اخبار جي سلسلي سوال سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ڪورونا جي صورتحال جي ڪري اسڪول وڌيڪ ھڪ ھفتو بندرکڻ جو اعلان ڪيو آھي. اھڙي فيصلي کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان جي جواب ۾ عوام جي واضح اڪثريت ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو ۽ ڪورونا ايس او پيز تحت اسڪول کولڻ جو مطالبو ڪيو. ڪجهه ماڻهن ان کي حڪومت جي ڪمائي جو طريقو قرار ڏنو ته ٻين ڪجهه وري پي ڊي ايم جي جلسي کي ان جو سبب ڪوٺيو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان فيصلي جي حمايت ڪندي عوام کي ويڪسين ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن زندگي جو ڪاروهنوار معمول تي اچي سگهي. ان سلسلي ۾ زاهد منگي لکيو ته ڪورونا جي ختم ٿيڻ ۽ گهٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. انڪري ڪي اپاءَ وٺي سنڌ حڪومت کي اسڪول کولڻ کپن. يعقوب کوسو چيو ته رڳو اسڪول بند ڪرڻ سان ڪورونا ختم ٿي ويندي مال پڙي هوٽلون سڀ ڪاروبار هلي سگهن ٿا اسڪول بہ ايس او پيز تي هلائڻ کپم. خاموش خليل شر چيو ته بس ڇوڪرن کي رڍن جو وڏو ڌڻ وٺي ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، نه هوندو ڪورونا جو خوف نه هوندي ٻارن جي پڙھائي. هالار ياسين لکيو ته ڄاڻ لاڪڊائون جو اعلان به ٿيو حڪومت کي خبر هئي ته محرم ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو نتيجو ڇا نڪرندو. تعيلم جي تباهي وڏي ڌام ڌوم سان جاري ۽ ساري آهي. سانگهڙ مان خادم حسين شر لکيو ته هاڻ گھڻو ٿيو هاڻي سڀئي شاگرد ۽ استاد احتجاج ڪن وجهي سڌو سنئون ويڌن آھي زبير احمد ٻوهيو لکيوته تمام غلط فيصلو حڪومت روز روز ڪورونا جا بھانا ڪري ھٿ وٺي تعليم کي تباھ پئي ڪري سرڪار کي ڪورونا رڳو اسڪولن ۾ نظر ٿي اچي مارڪيٽون ۽ ٻيو سمورو ڪاروهنوار کليل آهي پوءِ تعليم جي تالا بندي آخر ڇو ڪئي پئي وڃي. بشير رضا مهر لکيو ته غلط فيصلو آهي، جنهن ملڪ قوم کي تباهه ڪرڻو ھجي ان ملڪ جي تعليم تباهه ڪئي وڃي. جلوسن ۽ جلسن ۾ ڪورونا ڪونهي ڪورونا صرف اسڪولن ۾ آ ٺڳي جا ٺاه. محمد رفيق لکيو ته سنڌ وارن کي لک لک مبارڪون ڪورونا رات اسڪولن ۾ پهچي ويو سنڌ حڪومت اسڪول هڪ هفتي لاءِ بند ڪري ڇڏيا جنيد علي قريشين شاگردن کي احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو. گل زيب ساند لکيو ته اسان شاگردن جون موجون ٿي ويون. اياز عمراڻي شهدادپور مان لکيو ته اسانجي تعليم بند نه ڪريو، تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جو بنيادي حق آھي، پر بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته اسانجا تعليمي ادارا بند آھن. جيڪڏهن تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان ڪورونا جو خاتمو ٿئي ٿو ته پو ڀلي تعليمي ادارا بند ڪريو! هر ادارو احتياطن طور هلي سگهي ته تعليمي ادارا ڇو نه؟ جيڪڏهن ان احتياطن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي جيڪي ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ بڻجن ٿا ته پوءِ ان ۾ تعليمي ادارن جو ڪهڙو اثر آھي ڇا رڳو تعليمي ادارا کولڻ سان ئي ڪورونا وائرس پکڙجي ٿو؟ ڇا ٻين ادارن ۾ ان ايترو جو ايترو احتياط آھي جو ان ادارن کي کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي؟ ھن صورتحال ۾ ته ضروري آھي ته تعليمي ادارا کوليا وڃن. شير محمد شيخ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو جلسو جو آ تڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. عابد حسين شر چيو ته صحت کاتي وارا چاهين ٿا ڪورونا رينگٽ جاري رهي ڇو ته ڪورونا بند ٿي ته سندن ماهوار ڪورونا الائونس به بند ٿي ويندو. استاد موڪلن ۾ خوش ڀلا ڪنهن به استاد تنظيم اسڪول بند هجڻ واري اعلان تي اڄ تائين ڪو ردعمل ڏنو آھي؟ باقي پگهار وڌرائڻ لاء ڪراچي وڃي پاڻ مٿان گٽرن جو پاڻي هارائيندا ۽ سپاهين جا سونٽا جهليندا آھن. مراد علي شاھ آڏو ويٺل سنڌ جا صحافي به چُپ ويٺل آھن ڇو ته انهن جا به سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪمن ڪارين جا ٺيڪا آھن انهن ۽ انهن جي ادارن کي به سرڪاري اشتهار کپن سنڌ جا ڏاها نام نهاد اديب دانشور شاعر تعليمي ماهر قانوندان سڀ خاموش تماشو پيا ڏسن اسان پنهنجي حالتن ۽ تعليم جي تباھي جا پاڻ ذميوار آھيون. جوڳي اسد راڄپر لکيو ته سنڌ ۾ جن ضلعن ۾ ڪورونا جو اثر گھٽ آھي اتي ايس او پيز تحت 50 سيڪڙو حاضري سان سمورا تعليمي ادارا ترت کوليا وڃن. ٻيون سڀ گڏجاڻيون ٿي رھيون آھن تہ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون روز روز بند ڪرڻ ۾ ڪهڙو لاجڪ آھي؟ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ ھن مھا وبائي وقت ۾ سماجي وِٿي ۽ ٻين ايس او پيز پٽاندڙ تعليمي ادارا ترت کوليا وڃن ان ۾ حڪومت جي نااھلي آھي جيڪا اھڙي صورتحال ۾ صوبي جا معاملا ۽ عام ڪارووھنوار ھلائڻ ۾ سنڌ حڪومت پوري ريت نااھل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مھاوير ٽيڪواڻي مٺي مان لکيو ته اھو انتھائي غلط عمل آھي جيڪر بازارون رات 8 وڳي تائين کلي سگھن ٿيون ته اسڪول ڇو نٿا کلي سگھن. اسڪول بند ڪرڻ وارو اعلان تعليم دشمن آھي حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ادارا فوري طور کولڻ جو اعلان ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تعليم ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وڃي ٻارن ۾ جيڪي ٻه چار اکر ھئا اھي به موڪلن ۾ وساري ڇڏيا. مورو مل عمراڻي لکيو ته تمام زبردست! سنڌ جي تعليم تباهه برباد ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو آهي. ادا هڪ نئون ڪاروبار کوليو آهي سنڌ گورنمنٽ ڪورونا انهي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. شڪور ڪيريو چيو ته غريب عوام جن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھن ٿا انھن جي تعليم تباھ ٿيندي۔ پئسي وارا ته ٽيوشن يا پرائيويٽ اسڪول افورڊ ڪري سگھن ٿا پر غريبن لاءِ ٻه ويلا ماني به مشڪل آھي۔ زاهد مهر چيو ته سنڌ جي عوام اهڙا حڪمران آڻيندو پو۽ اهي نتيجا نڪرندا سنڌ حڪومت نااهل ٿي چڪي آهي مراد علي شاه کي هٽايو وڃي. ستار پنهور لکيو ته لڳائن تالا، پرائيويٽ اسڪول هلن پيا هنن کي ٻرو آ. محمد ابراهيم لکيو ته تباھ ٿيل سنڌ جي تعليمي نظام کي ھڪ دفعو ٻيھر تباھي جي رستي تي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪا مستقبل لاءِ ھاڃيڪار آهي. پرهياڙ مجيد سنڌي لکيو ته الميو آهي سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. نياز ڪلوئي چيو ته وزير تعليم تمام سٺو ماڻهو آهي شفٽ سسٽم ڪري اسڪول کوليا وڃن نه ته تمام وڏو نقصان ٿيندو اسان جي تعليم جو. ظفر علي رند چيو ته تمام غلط فيصلو آهي حڪومت جو، فوري طور تي سنڌ جا تعليمي ادارا کوليا وڃن . سنڌ کي جهالت طرف نہ ڌڪيو وڃي. گوهر خان چيو ته ڪورونا ڏه ڏينهن موڪل تي ويل هئي محمد يونس ٻٻر چيو ته سردار شاهه چيو هو ته 1990 جا استاد اڻ پڙھيل ھئا 21-2020ع وارا ماستر ٿيا ته انهن کي ڇا چوندو. شمشاد خان چيو ته ويچاري سردار شاه جي تعليم واري وزير جي ڪون ٿي هلي عبدالحق لنجواڻي چيو ته تمام خراب فيصلو آھي مراد شاھ کان ڪير سوال ڪري تنھنجا ٻار آمريڪا م ڇو پڙھي رھيا آھن گوهر خان لکيو ته ڪورونا موڪل پوري ڪري واپس اچي وي آهي حبيب مرکنڊ چيو ته اسين شاگردن ۽ استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جو وري هڪ هفتو انجواءِ ڪندا ۽ پورو هفتو وري گهر وارن سان گذاريندا! محمد مراد چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ٿا سمجهون جڏهن ساڳيا ٻار شهرن، بازارن ۾ گهمن ٿا اتي ڪورونا اثر نٿي ڪري پر جڏهن ٻار اسڪولن ۾ وڃي ٿو ته ڪورونا ان تي حملو ٿي ڪري. افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو سنڌ حڪومت تي. راڻو مل ميگهواڙ چيو ته اها تعليم سان دشمني آهي. محمد عاطف چيو ته اھا سراسر نا انصافي آھي سنڌ جي شاگردن سان، سنڌ حڪومت تمام غلط ڪري رھي آھي. تعليمي ادارا کوليا وڃن، نه ته اسان شاگرد گڏجي احتجاجي مھم ھلائينداسين. فهميده ڪوثر لکيو ته جان آهي ته جهان آهي. غلام عباس سنڌي ان کي زبردست فيصلو قرار ڏنو. بادل هاليپوٽو چيو ته ڪورونا جي موجوده لھر کي نظر۾ رکجي تہ حڪومت جو بھتر فيصلو آهي، باقي ماڻھن کي ڪورونا جو ڪو فڪر ئي ناھي تہ حڪومت ڇا ڪندي. راشد ٽالپر چيو ته ڪورونا جام آهي ڪجهه گهٽ ٿئي پوءِ اسڪول کولين حڪومت جو حالتن پٽاندڙ بلڪل درست فيصلو آهي. نور عمراڻي چيو ته تمام بهترين فيصلو آجيان ڪجي ٿي، پنهنجي گهر تائين محدود ماڻھن کي اها ڳالھ ضرور بري لڳندي، پر صوبي کي هلائڻ لاء الڳ سوچ ۽ لوچ کپي. حڪومتي ذميواري آھي ته ماڻھن کي مرض کان ڪيئن بچائجي. اگر حڪومت تعليمي ادارا کولي ۽ مرض ۾ اضافو ٿي وڃي ته سڀاڻي اهي ساڳيا ماڻھو حڪومت تي تنقيد ڪندا ته ادارا ڇو کوليا ويا بهرحال وقت ۽ حالتن جي حساب سان بهترين فيصلو آهي. مير خان جنجهي چيو ته جيڪي حڪومتي فيصلي تي تنقيدي تجزيا ڪري رھيا آھن انھن مان 90 سيڪڙو سنگت ٽنگوٽالين ذريعي اسڪول پھچندي ھئي ھاڻي تعليم جو فڪر جاڳي پيو. آفاق احمد چيو ته بهترين فيصلو، ڪورونا وائرس کي روڪڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته سماجي سرگرميون ختم ڪيون وڃن. ابن جان رند چيو ته حڪومت جو بهترين فيصلو آهي حمايت ڪريون ٿا. جڏهن ته سروي ۾ محمد عثمان احمداڻي جبار سمون، آر ڊي ناگور، عطاءُ الله خان جڳو، محسن علي جتوئي، شبير حسين ڀوت، عثمان پنهور، شاهه ولي خان بابو، وسيم نواز، علي شير سنباڻي، سي ايم ڀاٽيا، خان بلوچ خان، عاجز علي، خالد ڀرڳڙي، نور نويد کوڙ، عبدالمجيد شيخ، علي رضا، عمران حسين، حيدر علي مهر، طارق علي ٻرڙو، نور محمد، عابد نواز ڀٽي، ڏاجي مل ڪولهي، حسن عبدالله چاچڙ، صدام لقمان عمراڻي ڏيپلائي، نواز بلوچ، ضمير بلوچ، حبدار علي وارث، سعيد سنڌي، سجاد علي، محمد اڪرم راهمون، ايم مصري، سيف الرحمان بلوچ، شمس الدين رند، خاصخيلي رشيد گل، راجا جوڻيجو، ڪاشف خاصخيلي، ايم اسحاق پنهور، راجا احمد، لعل محمد رند، رفيق چاچڙ، سجاد خان قريشي، فاروق پتافي، رحيم سومرو، ذوالفقار جتوئي، يوسف لغاري، محمد عظيم، احمد خان محمد، جواهر لعل اميداڻي، سيد قاصد حسين لڪياري، وقاص ڌاريجو، منور علي زور، سعد الله چانڊيو، مهدي مرتضيٰ سرگاڻي، ممتاز علي مهر، محمد اسماعيل لانگاهه، جي اي ڪيريو، نعمان علي ٻگهيو، غلام الله شر، معشوق بلوچ، مير شاهجهان کوسو، عاشق حسين شر، شهمير علي ڪنڀر، مبارڪ علي نهڙي، زوار ضمير رضا، هريش ڪمار، جسمت سنڌ، مير محمد نهڙي، حافظ عبيد فاروقي، عصمت الله رند، رياض گلواڻي، محمد عرس، بجار خان جعفري، رشيد بلوچ، احسان علي سومرو، علي مراد چانگ، غلام رسول راهمون، ذوالفقار ساسولي، وقاص ياسين آرائين، نذير بلوچ، محمد حسن بلوچ، عرفان جروار، غلام سرور، ايان اسلم احمد، طارق حسين راڄپر، نماڻو نوناري، جمال خان مگسي، سجاد علي ڪٻر، آفتاب لغاري، راحب علي، روشن شيخ، ڊاڪٽر عبدالسلام، طفيل سومرو، عبدالرحمان هاليپوٽو، غلام مرتضيٰ مهر، محمد خان مهر، سارنگ منير سومرو، عبدالله ميراڻي ميرپور بٺورو، دلاور حسين کوسو، اعجاز علي بجير، اڪرم محمد، مير محمد جوڻيجو، نادر ابڙو، نوڪر حسين ميمڻ، صنعان خان بگٽي، اعجاز لاکو، محمد الياس، بشير نهڙيو ۽ ٻين به پنهنجا رايا ڏنا.