لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز شيڊول موجب ٿيندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ٻڌايو ته خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڪري ڪجهه رانديگرن خدشا ظاهر ڪيا پر هاڻ کين مطمئن ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جي دوري بابت ڪيوي بورڊ انتظامن ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم شيڊول موجب سومر جي رات بنگلاديش ۽ پاڪستان جي دوري لاءِ رواني ٿيندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان لاءِ شيڊول موجب پنهنجو سفر شروع ڪندي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ 10 سيپٽمبر تائين بنگلاديش ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي ۽ بليڪ ڪيپس جي 11 سيپٽمبر تي اسلام آباد آباد جو شيڊول آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ راولپنڊي ۾ 3 ون ڊي ۽ لاهور ۾ 5 ٽي ٽونئٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ٿيندي. افغانستان جي صورتحال کي نظر ۾ نيوزيلينڊ جي خدشن جي حوالي سان گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي سي بي ڪيوي ٽيم جي دوري جي ڀرپور تياري ڪئي وئي.