سوال/سروي … حڪمرانن جو آسرو ئي ناهي، هتي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ٿيندو، برسات جي صورتحال ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: عوام

0
33

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات کانپوءِ اوهان جي علائقي جي صورتحال ڪھڙي آهي؟ پاڻي نيڪال لاءِ قدم کنيا ويا آهن؟ بچاءُ بندن تي ڪم ٿيو آهي؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته اسان جي علائقي ۾ گهڻي برسات ناهي پئي پر هتي ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، ڪجهه ماڻهن وري اهو به چيو ته اسان جي علائقي ۾ برسات پئي آهي روڊ رستا ٻڏي ويا آهن، انتظاميا پاران صفائي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ايتري برسات ئي نه ٿي آھي جو پاڻي بيهجي وڃي ھلڪي ڦلڪي بونداباندي ٿي ھاڻي الحمدالله ختم ٿي وئي خير ٿي ويو، ورڪشاپ گجري سانگھڙ سميت ڪٿي به پاڻي ناھي بيٺو نه ئي فصلن کي نقصان پھتو آھي، اسد زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاڙي ۾ ڊرينيج سسٽم نه ھئڻ سبب ٿوري برسات پوڻ سان برسات جو پاڻي روڊن رستن تي بيھجي وڃي ٿو سرھاڙي ٽائون انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن سرھاڙي شھر ۾ پاڻي نيڪال جو ڪو به جوڳو انتظام ناھي ڪيو شڪر آھي جو برسات گھٽ پئي آھي ٿوري برسات وڌيڪ وسي ھا ته ڪيترائي ڏينھن شھر جو عوام مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي ھا، ثناءُالله مشوري لکيو ته ڪالھه برسات کانپوءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ ڪيل ناقص ڪمن جي حقيقت ظاھري ٿي پئي روڊن تي پاڻي بيٺل نظر آيو ٽريفڪ دوران عوام کي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو، علي مراد لاشاري لکيو ته شھدادڪوٽ ۾ برسات کان بعد صفائي عملي پاڻ ملهايو ويلڊن، الهداد سرهاڙي لکيو ته ٿوري برسات ٿيندي ئي اسان جي شھر سرھاري ۾ روڊن تي پاڻي بيٺل آھي ڪالھه واري برسات سرھاڙي ٽائون کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو، حنيف بلوچ لکيو ته ٻوڏ واري صورتحال آهي، ميانداد مري لکيو ته شڪر آھي ڪنڌڪوٽ ۾ برسات ناھي ٿي، ڄام فقير رند لکيو ته ڪو به نظام ناهي، جي آر چانڊيو لکيو ته شڪر آھي جو اسان وٽ سانگھڙ منڍ جمڙائو ۾ نارمل برسات ٿي اگر ٿوري وڌيڪ برسات پوي ھا ته پورو مھينو روڊ رستا گپ گارو لڳا پيا ھجن ھا باقي ھتي نه اڳ حڪومت ڪو ڪم ڪيو آھي نه اڳتي ڪم ڪندا ڪوڙا قسم کڻي گھر ستا پيا آھن ھاڻي پورا پنج سال گھران ڪونه نڪرندا، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته شڪارپور ڳوٺ علي آباد ۾ ڊرينج سسٽم نه ھئڻ سبب گھر اندر برسات جو پاڻي بيھڻ سبب خلق خدا پريشان حال آھي ماضي جي برساتن جي تباھي ۾ جاني مالي نقصان ٿيو مگر انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور واسين کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو ھن وقت به برسات جي بيٺل پاڻيءَ سبب سخت پريشاني وارو عالم آھي مگر ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور واسين جي واھر ڪرڻ لاءِ ڪوئي تيار ئي ناھي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته علي آباد جي برسات متاثرن کي ھن وقت تائين گھر سروي واري قسط به ناھي ملي سگھي سئو گھرن سان مشتمل ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور واسي بنيادي سهولتن کان محروم آھن، نماڻو نوناري لکيو ته ٺل شهر صاف آهي برسات ٽري وئي، سرمد خليل کوسو لکيو ته حقيقت اھا آھي جو شھرن ۾ ھن ٽائيم تائين به نيڪال سسٽم ٺيڪ ناھي ٿي سگھيو صفائي ڪندڙ عملي کي جڏھن پگھارون ناھن ملنديون ته ھو مک گٽر نالا بند ڪري ٿا ڇڏيندا آهن تنھن ڪري برساتن کان پھرين به گٽرن جو پاڻي گلين گهٽين ۾ موجود ھوندو چونڊيل ڪائونسلر کي ڪا اسڪيم نٿي ملي اسان جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي وٽ ايترو ٽائيم ھوندو آھي جو 5 سالن کان پوءِ فقط ووٽ وٺڻ اچن ٿا،  اسان گندگي ۾ زندگي گذاريون چونڊيل نمائندن کي پرواھ ناھي، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي ۾ برسات پوڻ سبب روڊ رستا انتھائي خراب ٿي ويا صفائي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، تنگواڻي شاخ جون ڪپرون هن وقت تائين ڪمزور آھن پر بچاءَ بندن جو مرمتي ڪم نه ٿي سگھيو آھي، نور احمد کوسو لکيو ته اسان جي شهر جي حالت اهڙي آھي مختلف روڊن تي برساتي پاڻي بيٺل آھي ميونسپل جا پئسا به کايو وڃن مڇرن جو به آزار ٿي ويو آھي، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته ڏھرڪي اسان جي علائقي۾ برسات ايتري ناهي ٿي اگر برسات ٿئي ھا ته اسان وٽ ڪو به گورنمينٽ طرفان حفاظتي انتظام نه هو ۽ اسان ٻڏي وڃون ھا ۽ ھي ڪلام پيا چئون ھا اچو مدد ڪيو، ابراهيم مخدوم لکيو ته کورواھ جو ڊرينيج سسٽم تباهه هجڻ ڪري روڊ گهٽيون پاڻي هيٺ آهن جتي هڪ ٻه يونين ڪائونسل جا ملازم دٻن  ذريعي پاڻي ڪڍن پيا پر ڪو پراپر حل نه آهي جنهن سبب شهري پريشان آهن، نقاش پيرزادو لکيو ته اسان وٽ سواءِ ڪرپشن کان ڪجھه ڪونه ٿيندو آھي، فيض درس لکيو ته حيدرآباد لڳ اسرا يونيورسٽي جي آس پاس برسات نارمل هجڻ جي ڪري وڌيڪ ڪو نقصان ناهي ٿيو بس مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته برسات ته في الحال ٽري وئي آهي پر اسان جي علائقي ڊرگھه بالا سميت تمام ڪاڇي جي علائقن کي خطرناڪ رٿا گاج بند مان خطرو آهي جيڪو ٻوڏن سبب ٽُٽو پيو آهي، خميسو آريسر لکيو ته هلڪي هلڪي برسات آهي، الله پاڪ رحم ڪيو هنن حڪمرانن جي آسرو ڪونه آهي، بشير جوڻيجو لکيو ته منڍ جمڙائو ضلعي سانگھڙ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي اڻلڀ ٿي وئي آهي انتظاميه پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي آئي آهي الله رحم ڪيو اسان وٽ ايتري برسات ڪونه پئي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جتي ڪم هئا اتي ئي آهن 2022 واري بارشن ٻوڏ بعد ڪو ڪم ناهي ٿيو، غلام نبي بلوچ لکيو ته ميرواھه جي علائقي برسات ايتري ناهي ٿي اگر برسات ٿئي ھا ته اسان وٽ ڪو به گورنمينٽ طرفان حفاظتي انتظام نه هو ۽ اسان ٻڏي وڃون ھا ۽ ھي ڪلام پيا چئون ھا اچو مدد ڪيو، مولچند بجلاڻي لکيو ته اليڪشن کان پوءِ تُرت برسات جو اچڻ چونڊيل نمائندن جي لاءِ رينڊم ٽيسٽ ثابت ٿيندي. جميل کوسو لکيو ته الحمدالله ٽنڊي الھيار ۾ نارمل برسات ٿي شھر جي ڪجھه روڊن تي پاڻي بيھجي ويو آھي، فقير ڪامران علي لکيو ته ڦل شهر نزد ديھه ڪلرو يوسي ويسر ھر موسم جي برساتن ۾ ٻوڏ جي شڪل ۾ ٿي وڃي ٿي يوسي چيئرمين دبئي ۾ پيو مزا وٺي اسان ترڻ سکيو آ، محمد فياض وساڻ لکيو ته حاجي شاھه اسٽاپ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ھلڪي ھلڪي نارمل برسات ٿي بس مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.