سوال/سروي حمزا شهباز جو بيان رد: ڪالاباغ ڊيم ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏينداسين، ان سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون: عوام

0
161
سوال/سروي حمزا شهباز جو بيان رد: ڪالاباغ ڊيم ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏينداسين، ان سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز ليگ وري تڪراري ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نواز ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ ڪري نقصان ٿيو آهي، حمزا شهباز جي ان بيان کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر حمزا شهباز جي بيان کي رد ڪندي چيو ته حمزا شھباز جو غلط بيان آھي، نواز ليگ وارا اليڪشن ويجھو ايندي اھڙا شوشا ڇڏيندا آهن پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ، ڪالا باغ ڊيم ٺھڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون، ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو سنڌ دشمن منصوبو آهي جيڪو ڪنهن صورت ۾ هاڻي ٺهي نٿو سگهي، سنڌ واسي ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏيندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جڏهن ٽن صوبن ڪالا باغ کي رد ڪيو آهي پوءِ به پنجاب جو رينگٽ چالو آهي هوندو ڪو ٻيو مقصد، گل حسن شر لکيو ته ھروڀرو پيا شوشا ڇڏين ڪالاباغ ڊيم ڪونه ٺھندو، اسلم کهڙو لکيو ته پنھنجي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ جيئن پيپلزپارٽي توڙي ايم ڪيو ايم بيان بازي پئي ڪري اھڙي ريت ھي به بيان بازي پيو ڪري،

اسحاق کوسو لکيو ته اهي ڳالهيون پنجاب جي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ آھن ڇو جو ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرسي جي اميد آهي، ممتاز سميجو لکيو ته ڪالاباغ ڊيم تڪراري منصوبو آهي جنهن کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن نواز ليگ ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ پنجاب جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهي آهي ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو سنڌ دشمن منصوبو آهي جيڪو ڪنهن صورت ۾ هاڻي ٺهي نٿو سگهي، اياز علي راهوجو لکيو ته ڪالا باغ ڊيم پھرين ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن سنڌ ۾ ھينئر به پاڻي جي شديد کوٽ آهي باقي نواز ليگ وارا اليڪشن ويجھو ايندي اھڙا شوشا ڇڏيندا آهن پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڪالاباغ ڊيم وارو معاملو تڪراري آهي جنهن ڪري نواز ليگ کي ان اشو تي ڳالهه نه ڪرڻ کپي ھن وقت عوام تڪليفن کي منهن ڏئي پيو، اويس قرني لکيو ته جڏهن انهن کي ٻيو ڪجهه ڪرڻو هوندو آهي ته اهو اشو هالائيٽ ڪيو ويندو آهي هي صرف پنجاب جي ماڻھن کي خوش ڪرڻ لاءِ نواز ليگ شوشو پئي ڪري جيئن مرڪز ۾ حڪومت قائم ڪري سهگجي.

جاويد احمد لکيو ته  پنجاب جو ووٽ وٺڻ لاءِ اهو رينگٽ شروع ڪيو آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙو بيان ڏنو آهي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺھڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون، عبدالسلام سنڌي لکيو ته اسٽيبلشمينٽ جي خواهش تي اهڙو بيان ڏنو ويو آهي اهو بيان هڪ ڊيل تحت ڏنو ويو آهي اسٽيبلشمينٽ سان نواز شريف وارن جو ٺاھ ٿي ويو آهي ان ڪري اهڙو بيان ڏنو ويو آهي، جنيد جمالي لکيو ته ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آھي سياست چمڪائڻ لاءِ اھڙا بي وقتي بيان ايندا رهندا. بشير ميراڻي لکيو ته نواز ليگ اڳواڻ وري به مئل گهوڙي کي ساهه وجهڻ ٿو چاهي، نواز ليگ صرف پنجاب جي سياست ڪري رهي آهي، ان بيان جي مذمت ڪجي ٿي. ارشاد علي لکيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ تڪراري رٿا آهي جنهن کي ملڪ جي ٽن صوبائي اسيمبلين رد ڪري ڇڏيو آهي،

پرويز مشرف به هن ڊيم کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سنڌي ماڻهن جي سخت مخالفت سبب هو به هن رٿا تان هٿ کڻي ويو هو،باقي ن ليگ هميشا اليڪشن ويجهو اچڻ وقت ڪالا باغ جو بي سرو راڳ ڳائڻ شروع ڪندي آهي ته جيئن پنجاب جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري سگهجن. ظفر رند لکيو ته اهي پنجاب جي عوام کي خوش ڪري 2023 جي اليڪشن کٽڻ چاهين ٿا، شبير حسين ڀوت لکيو ته صرف بلدياتي اليڪشن جو شوشو آھي ووٽ بينڪ وڌائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏين پيا، غلام نبي بلوچ لکيو ته اهو شوشو هر اليڪشن ۾ ڇڏيندا آھن، حماد ڪنڀر لکيو ته سڄي قوم جون همدرديون هينئر ميان نواز شريف ۽ اُنجي پارٽي سان گڏ آھن پر اِنهي جو غلط فائدو ورتو پيو وڃي. مسرور شر لکيو ته حمزا جو بيان غلط آهي، غلام حسين لکيو ته پنجاب جي رھندڙ سڀني ماڻھن جي سوچ ساڳي آهي ته رڳو پنجاب جون زمينون آباد ڪجن سنڌ جون زمينون ڀلي بنجر ٿين، حفيظ ملاح لکيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ مئل گهوڙو آهي جنهن کي سنڌ سميت ملڪ جا ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن اهو ڪڏهن به ٺهي نه سگهندو جيستائين سنڌي آهن اهو ڊيم ٺهي نه سگهندو،

علي احمد لغاري لکيو ته ڪالا باغ ڊيم تڪراري منصوبو آهي ان ۾ گھڻو نقصان سنڌ کي ٿيندو اها شرارت وري ورجائي وئي ته رد عمل انتهائي خراب ٿيندو پوري سنڌ روڊن تي ايندي ۽ سنڌ پنجاب باڊر به سيل ڪيوويندو، منٺار علي به سروي ۾ حصو ورتو، عابد ڀٽي لکيو ته پنجابين جي ووٽ ڪيش ڪرائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏنا ويندا آھن، راشد الطاف به سروي ۾ حصو ورتو، مجاهد رند لکيو ته اهو سياسي بيان آهي، شبير سهتو لکيو ته سنڌ سان ڪابه وفاقي پارٽي سچي ناهي، نماڻو نوناري لکيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ خلاف سازش آهي، حاجي محمد جهاڳورو لکيو ته نون ليگ وارن جو ڪم ئي اھو آھي ته ھو ننڍن مسئلن کي وڏو بڻائيندا آهن، اهو رينگٽ مناسب ناهي، ڊاڪٽر خليق الزمان لکيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺھندو ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، حاجي خان پنهور لکيو ته مئل گهوڙي کي جيئرو ڪرڻ جي سازش، جيئن سنڌ مان وري مهانگائي خلاف هڙتالون ٿين. بجار خان جعفري لکيو ته حمزا شھباز جو غلط بيان آھي ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون. آسودومل لوهاڻو لکيو ته ڪال باغ ڊيم تڪراري منصوبو ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن نواز ليگ پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو رينگٽ شروع ڪيو آهي، عاشق حسين لکيو ته حمزا شھباز جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا، سائين بخش لکيو ته جڏهن به اليڪشن ويجهو ايندي آهي اهڙا بيان ڏيندا آهن.