اشو آف دي ڊي ”ڪارونجهر بچايو“ سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
139
اشو آف دي ڊي ”ڪارونجهر بچايو“ سوشل ميڊيا تي مطالبو

 ڪارونجهر جبل بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، سيو ڪارونجهر ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ علي رند، صدام حسين، ماهنور حيا، سرهاڻ سنڌو، انجنيئر سهيل، خالد حسين، آفتاب خاصخيلي، سنيل ڪمار، منظور ٻانڀڻ، سعيد سانگري، ساگر سهيندڙو، علي جويو، نتاشه، معروف سميجو، ڊاڪٽر عاصمه جوڻيجو، اقصيٰ جمالي، حنيف سمون، مستجاب زهرا، آفتاب خاصخيلي، شيبي جتوئي، عائشه حميد، چمن لال، پرمانند راٺوڙ، اصغر سنڌي، انجنيئر سهيل، رميش ڪولهي،ڀرت جئپال، فيض سنڌي، ديوراج، سراج احمد ڪٽپر، اختر ٻانڀڻ، تنوير ايڊووڪيٽ، انعم ٽالپر، سلمان شيرازي، وسيم احمد، راجڪمار کوکر، محمد سچل، ذوالفقار علي ڪلهوڙو، استاد راهي سومرو، ونود مهيشوري، مصري مسڪين، آزاد سنڌي، حبيب الرحمان ڀٽو، ونود راماڻي، مهاديو مڪواڻي، اختر علي، عثمان سنڌي، زينب، سچل مجيب، عرفان گوپانگ ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو.

ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري ان کي ختم ڪيو پيو وڃي، اهو تمام وڏو ظلم آهي، ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونهن آهي، جبل ختم ڪيا پيا وڃن، اهڙي عمل ۾ جيڪو به ملوث آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪي وڃي، چونڊيل نمائندن کي ان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڪارونجهر ننگرپارڪر ۾ واقع آهي جتي ڪيتريون ئي مذهب ۽ تاريخي ماڳ آهن، ڪارونجهر کي تاريخي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، ڪارونجهر سنڌ جي دل آهي، ان کي تباهه نه ڪريو، ڪارونجهر بچايو سنڌ جي خوبصورتي بچايو، ٽوئيٽر تان شروع ڪيل اهو ٽرينڊ فيس بوڪ تي به جاري رهيو. فيس بوڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي گلشن لغاري لکيو ته خدارا ڪارونجهر جي وارثي ڪريو، جنهن تي محمد خان دائود لکيو ته ڪير ڪندو وارثي؟ اشفاق آذر لکيو ته آئون جڏهن به ڪارونجهر ويو آهيان ته هي مونکي جبل نه لڳو آهي. قديم ڏند ڪٿا جو ڪو ديومالائي ڪردار لڳو آهي، جيڪو صدين کان خاموش ڪنهن ڀڪشو جيان عبادت ۾ هجي. امداد سيلرو لکيو ته جيڪي آواز اٿارين پيا انهن کي شابس آھي،

عبداللطيف لغاري لکيو ته ڪٽي کپائن پيا ٻي ڪهڙي وارثي ڪن، واسديو لوهاڻو لکيو ته ان لاءِ ٽرينڊ هلايو پيو وڃي، راشد علي ڪلهوڙو لکيو ته ڪير وارثي ڪري؟ عاشق حسين لکيو ته ھتي ھر ڪنھن کي بس پنھنجا کيسا گرم ڪرڻ جي لڳي پئي آهي، ننگر چنا لکيو ته  ڪارونجهر ته ڇا سنڌ جو ٻارو ٻارو خرڪاري مافيا کپائي ڇڏيو آهي. رفعيه گلاڻي ڏک جو اظهار ڪيو، عبدالرزاق ملاح به راءِ جو اظهار ڪيو، انيل حب علي لکيو ته جڏهن اسان احتجاج ڪيو ته چيو ويو سڀ ڪجهه ڪوڙ آهي اهڙو ڪجهه نه پيو ٿئي، سيال بابر حسيني لکيو ته تحريڪ کان سواءِ ھتي لکڻ سان ڇا ٿيندو، سرفراز خاصخيلي به راءِ جو اظهار ڪيو، سلمان لغاري، مجيد ساگر، ممتاز کوسو، وحيد خاڪسار، گلزار احمد چاچڙ به ڪارونجهر بچايو مهم ۾ حصو ورتو.علي حسن چانڊيو ڪارونجهر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر کي بچايو.