سن (ن پ ا) سن واسي نوجوان ٽن سالن کان گم آهي، جنهن ڪري وارث پريشان آهن. ان ڏس ۾ ٻن ٻارن جو پيءُ نظر عمراڻي اچانڪ سن شھر مان گم ٿي ويو هو، نظر عمراڻي پنهنجي حجامڪي دوڪان تان ڪم ڪندي گم ٿيو هو، جنهن کي ٽيون سال ھلي رهيو آهي پر سندس ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ته ڪٿي آهي؟ سندس ڀائرن مٽن مائٽن طرفان گھڻي ڳولا باوجود سندس ڪا به خبر نه پئجي سگھي آهي. نوجوان جي امڙ، وني ۽ معصوم ٻار سندس اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪو وس وارو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي. هنن کي خدشو آهي ته ڪٿي ڪنهن سازش تحت کيس اغوا ته ناھي ڪيو ويو. وارثن جو چون آهي ته سن ايٽ ڇڇر پوليس به ھن وقت تائين نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاھ جو ھي تڪ آهي خدارا نوٽيس وٺي نظر عمراڻي جي جاچ ڪرائي اسان کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.