حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪاڇو سڌار تحريڪ پاران فريد آباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ علائقي واسين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي راجا انور چانڊيو، رضوان علي، برهان چانڊيو ۽ ٻين چيو ته فريد آباد ڪاڇي جو تاريخي ۽ قديمي شهر آهي پر افسوس ته سنڌ حڪومت فريدآباد کي تعلقو ڪرڻ بدران نظرانداز ڪري رهي آهي جيڪو عمل ڪاڇي واسين سان ناانصافي برابر آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي اين شاھ جي ايم پي اي عزيز جوڻيجو جي سفارش تي فريدآباد بدران ڪڪڙ کي تعلقو بنائڻ چاهي ٿي جيڪو عمل ڪاڇي واسين سان ناانصافي برابر آهي ڇاڪاڻ ته پ پ جي ان عمل سان ڪاڇي ۾ پ پ کي سياسي طور تي نقصان جو به خدشو آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته ميهڙ کي ضلعي جو درجو ڏيڻ واري عمل دوران فريدآباد کي به تعلقي جو درجو ڏئي ڪاڇي واسين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.