سنڌڙي (ن پ ا) رمضان شريف جي مھيني ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ سرعام شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف مختيارڪار سنڌڙي سجاد صداقت شر سنڌڙي ۾ مختلف دڪانن تي ڇاپا هڻي 5 کان مٿي دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيا ۽ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. جڏھن ته فاروق، رميش سميت 5 دڪاندارن تي مختلف ڏنڊ هڻندي چيو ته رمضان شريف جي مھيني ۾ جيڪي دڪاندارن عوام کي مھانگيون شيون وڪرو ڪندا ۽ سرعام دڪان کوليندا ته انھن تي هاڻي ٻيڻو ڏنڊ هڻي دڪان سيل ڪيا ويندا.